Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 18:23 - Muslim Sindhi Bible

23 سائول جي عملدارن اهي ڳالهيون وڃي دائود جي ڪن ۾ وڌيون. دائود کين ورندي ڏني تہ ”مون جهڙي غريب ۽ حقير ماڻهوءَ لاءِ بادشاهہ جو ناٺي ٿيڻ تمام وڏي ڳالهہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ سائول جي نوڪرن اها ڳالهہ دائود جي ڪن ۾ چئي. ۽ دائود چيو تہ آءٌ غريب ۽ حقير سمجهيل آهيان، تڏهن بادشاهہ جو ناٺي ٿيڻ اوهان کي ڪا جهڙي تهڙي ڳالهہ نظر ٿي اچي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 18:23
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

راخل کي حاصل ڪرڻ لاءِ يعقوب ست سال ڪم ڪيو. ست سال کيس ٿورن ڏينهن جيترا لڳا، ڇو تہ راخل سان سندس دل تمام گھڻي هئي.


جيترو بہ مُلهہ ۽ سوکڙيون پاکڙيون اوهين گھرندا سو آءٌ اوهان جي چوڻ موجب ڏيندس، پر اها ڇوڪري مون کي پرڻائي ڏيو.“


آءٌ خسيس ۽ حقير تہ آهيان، پر تڏهن بہ تنهنجي قاعدن کي ڪين ٿو وساريان.


سائي جا سالا بہ گھڻا، ڀينگي جو ڀيڻويو ئي نہ لڀي.


جيڪو ماڻهو ٻين جي اجائي خوشامند ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ انهن لاءِ هڪڙو ڦندو ٿو اڏي.


ڏسو، خدا پيءُ جو اسان سان ڪيڏو نہ پيار آهي! ايتري قدر جو اسين سندس ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آهيون بہ. پر دنيا وارا اسان کي نہ ٿا ڄاڻين، ڇاڪاڻ تہ هنن خدا کي بہ نہ ڄاتو.


دائود سائول کي وراڻيو تہ ”آءٌ ڪير آهيان ۽ منهنجي پيءُ جو گھراڻو بني اسرائيل ۾ ڪهڙي حيثيت ٿو رکي جو آءٌ بادشاهہ جو ناٺي ٿيان؟“


پوءِ سائول پنهنجي عملدارن کي حڪم ڏنو تہ ”دائود کي ڳجھيءَ طرح ڳالهيون ڪندي چئو تہ ’ڏس، بادشاهہ تو مان خوش آهي ۽ سندس سڀيئي عملدار تو کي پيار ٿا ڪن. تنهنڪري هاڻي تون بادشاهہ جو ناٺي ٿيءُ.‘“


تڏهن عملدارن وڃي سائول کي وڃي ٻڌايو تہ ”دائود هيئن ٿو چوي.“


پر سائول ورندي ڏنس تہ ”ڇا آءٌ اسرائيل جي سڀ کان ننڍي قبيلي بنيامين جو ناهيان؟ پر منهنجو گھراڻو تہ بنيامين قبيلي جي ٻين سڀني گھراڻن کان بہ ننڍو آهي، پوءِ اوهان مون سان اهڙي ڳالهہ ڪيئن ٿا ڪريو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ