Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 18:18 - Muslim Sindhi Bible

18 دائود سائول کي وراڻيو تہ ”آءٌ ڪير آهيان ۽ منهنجي پيءُ جو گھراڻو بني اسرائيل ۾ ڪهڙي حيثيت ٿو رکي جو آءٌ بادشاهہ جو ناٺي ٿيان؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ دائود سائول کي چيو تہ آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجي حياتي ۽ منهنجي پيءُ جو گهراڻو اسرائيل ۾ ڇا آهي، جو آءٌ بادشاهہ جو ناٺي ٿيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 18:18
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود بادشاهہ خيمي اندر لنگھي وڃي عهد واري صندوق وٽ خداوند جي حضور ۾ ويٺو ۽ هي دعا گھري چوڻ لڳو تہ ”اي خداوند خدا! تو مون کي جنهن درجي تي آندو آهي، آءٌ انهيءَ جي لائق ناهيان، نہ ئي وري منهنجو خاندان انهيءَ لائق آهي.


اخيمعض، جنهن جي زال سليمان جي ٻي ڌيءَ بسمت هئي: نفتاليءَ جي علائقي مٿان.


پر موسيٰ خدا کي چيو تہ ”آءٌ ڪير ٿيندو آهيان جو فرعون وٽ وڃان ۽ بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچان؟“


خداوند جو خوف ڏاهپ جي سکيا آهي، نماڻائيءَ سان ئي مان مرتبو ملي ٿو.


مغروري انسان کي تباهيءَ ڏانهن وٺيو وڃي، پر نماڻائي انسان کي عزت واري مقام تي ٿي پهچائي.


تڏهن مون چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! مون کي تہ ڳالهائڻ جي بہ خبر ناهي، آءٌ تہ اڃا ٻار آهيان.“


تڏهن رُوت منهن ڀر جھڪي کيس تعظيم ڏيئي چيو تہ ”جڏهن تہ آءٌ ڌاري آهيان تہ پوءِ ڪهڙي سبب توهان مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي آهي، جو منهنجي ايتري سار لڌي اٿوَ؟“


سائول جي عملدارن اهي ڳالهيون وڃي دائود جي ڪن ۾ وڌيون. دائود کين ورندي ڏني تہ ”مون جهڙي غريب ۽ حقير ماڻهوءَ لاءِ بادشاهہ جو ناٺي ٿيڻ تمام وڏي ڳالهہ آهي.“


پر سائول ورندي ڏنس تہ ”ڇا آءٌ اسرائيل جي سڀ کان ننڍي قبيلي بنيامين جو ناهيان؟ پر منهنجو گھراڻو تہ بنيامين قبيلي جي ٻين سڀني گھراڻن کان بہ ننڍو آهي، پوءِ اوهان مون سان اهڙي ڳالهہ ڪيئن ٿا ڪريو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ