14 دائود هر ڪم ۾ ڪاميابي ماڻيندو هو ڇو تہ خداوند ساڻس گڏ هو.
14 ۽ دائود هميشہ ڏاهپ سان هلت ڪندو هو؛ ۽ خداوند ساڻس هو.
جيڪو ڪم هن جي هٿ هيٺ هو تنهن تي جيلر نظرداري ڪونہ ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خداوند يوسف سان هو ۽ يوسف کي هر ڪنهن ڪم ۾ ڪاميابي عطا ٿي ڪيائين.
دائود جيئن پوءِ تيئن زور وٺندو ويو، ڇاڪاڻ تہ خداوند قادرِمطلق خدا ساڻس هو.
سو خداوند هن ساڻ هو ۽ هو جيڪي بہ ڪندو هو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو هو. هو اشور جي شهنشاهہ کان باغي ٿيو ۽ ڪڏهن بہ هن جي تابعداري نہ قبوليائين.
هن سڄي ادوم ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون ۽ سڀ ادومي سندس تابعدار ٿي پيا. دائود جيڏانهن بہ ٿي ويو اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.
پوءِ هن انهن جي علائقي ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون ۽ اهي سندس ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا. دائود جيڏانهن بہ ٿي ويو اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.
خداوند يهوسفط سان گڏ هو، ڇاڪاڻ تہ جيئن سندس پيءُ پنهنجي شروعاتي دور ۾ پئي هليو تيئن هن بہ ڪيو ۽ بعل ديوتا جي پٺيان ڪونہ لڳو.
آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي سنئين راهہ تي هلندس. تون ڪڏهن اچي منهنجي مدد ڪندين؟ آءٌ پنهنجي بادشاهت ۾ بلڪل سچيءَ دل سان هلندس.
”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا اسان سان.“
۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“
جيئن تہ آءٌ تو ساڻ آهيان، سو ڪوبہ ماڻهو حملو ڪري تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو، ڇو تہ هن شهر ۾ منهنجا گھڻا ئي ماڻهو آهن.“
سو خداوند يشوع سان گڏ هو ۽ سندس شهرت سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويئي.
خداوند بني يهوداہ سان گڏ هو، سو هنن جابلو علائقي تي قبضو ڪري ورتو. پر هو ميداني علائقي جي ماڻهن کي اتان ڪڍي نہ سگھيا، ڇوجو انهن وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون.
جڏهن اهي نشانيون تو تي اچن، تڏهن جيئن انهيءَ وقت تو کي مناسب لڳي تيئن ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ خداوند تو سان گڏ آهي.
سندس نوڪرن مان هڪڙي وراڻيو تہ ”مون بيتلحم واري يسيءَ جو پٽ ڏٺو آهي، جيڪو سُرندي وڄائڻ ۾ تمام ماهر آهي. هو ڏاڍو بهادر ۽ جنگي جوان آهي. هو ڳالهائڻ ۾ هوشيار، هڪ خوبصورت ماڻهو آهي ۽ خداوند هن ساڻ آهي.“
سائول هن جي ڪاميابيون ڏسي ويتر کانئس ڊڄڻ لڳو.
جڏهن وري ٻيهر جنگ شروع ٿي تہ دائود نڪري وڃي فلستين تي ايترو تہ زور سان حملو ڪيو جو هو سندس اڳيان وٺي ڀڳا.
سموئيل وڏو ٿيندو رهيو ۽ جيئن تہ خداوند ساڻس گڏ هو، سو هن جي چيل ڪابہ ڳالهہ مٽيءَ ۾ ملڻ نہ ڏنائين.