Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:8 - Muslim Sindhi Bible

8 جالوت اچي بيٺو ۽ بني اسرائيل کي للڪاري چوڻ لڳو تہ ”اوهين جنگ جي لاءِ رڳو صفون ٻڌي ڇو بيهي رهيا آهيو؟ ڇا آءٌ فلستي ناهيان؟ ۽ ڇا اوهين سائول جا غلام ڪين آهيو؟ اوهين پاڻ منجھان هڪڙو ماڻهو چونڊي ڪڍو، جيڪو مون سان اچي مقابلو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ هو بيهي اسرائيل جي لشڪرن کي رڙ ڪري چوڻ لڳو تہ اوهين ڇو جنگ جي لاءِ صفون ٻڌي آيا آهيو؟ آءٌ فلستي ناهيان ڇا، ۽ اوهين سائول جا نوڪر ناهيو ڇا؟ پاڻ منجهان هڪڙو ماڻهو چونڊي ڪڍو، ۽ اهو مون وٽ اچي مقابلو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:8
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اورياہ دائود کي وراڻيو تہ ”يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل جا ماڻهو ۽ عهد واري صندوق جنگ جي ميدان ۾ هجي، منهنجو سپهہ‌سالار يوآب ۽ منهنجي آقا بادشاهہ جا سالار کُليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا هجن ۽ آءٌ پنهنجي گھر وڃي کاوان، پيئان ۽ پنهنجيءَ زال سان وڃي سمهان؟ هرگز نہ، اوهان جي سر جو ۽ اوهان جي جان جو قسم آهي تہ مون کان اهو ڪم ڪين ٿيندو.“


پر يوآب کيس وراڻيو تہ ”شل خداوند تنهنجي لشڪر کي سؤڻو وڌائي. اي منهنجا آقا بادشاهہ! ڇا اهي سڀ اوهان جا ٻانها ناهن؟ منهنجو آقا بادشاهہ ائين ڇو ٿو ڪرڻ گھري؟ هو بني اسرائيل کي گناهہ منجھہ ڇو ٿو وجھي؟“


اڃا هو انهن سان ڳالهائي ئي رهيو هو تہ جات شهر وارو جالوت فلستين جي صفن مان نڪري آيو ۽ اڳي وارا لفظ ورجائڻ لڳو. دائود سندس اهي لفظ ٻڌا.


تڏهن دائود پنهنجي ڀرسان بيٺل ماڻهن کان پڇيو تہ ”هي اڻ‌طهريل فلستي ٿيندو ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪر کي اچي ذليل ڪري! ٻڌايو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري ۽ بني اسرائيل تان اهو داغ دور ڪري تنهن کي ڇا ڏنو ويندو؟“


هو اوهان جي رڍن ٻڪرين جو ڏهون حصو وٺندو ۽ اوهين پاڻ سندس غلام ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ