Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:7 - Muslim Sindhi Bible

7 سندس نيزي جي ڏانگ، ڪوريءَ جي آڏاڻي مٿان جيڪا لٺ هوندي آهي تنهن جيتري ٿلهي هئي ۽ نيزي جي لوهي ڦر جو وزن اٽڪل ست ڪلوگرام هئس. هڪڙو سپاهي ڍال کنيو سندس اڳيان هلندو پئي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ سندس نيزي جي ڇڙ ڪوريءَ جي شهتير جهڙي هئي؛ ۽ سندس نيزي جو ڦر تور ۾ لوهہ جا ڇهہ سؤ شيڪل هو: ۽ هن جو زرهہ بردار سندس اڳيان هلندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:7
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اشبي‌بنوب نالي هڪڙي راڪاس جهڙي طاقتور فلستي جنهن جي پتل واري نيزي جي تور اٽڪل ساڍا ٽي ڪلوگرام هئي ۽ هڪڙي نئين تلوار سندس چيلهہ سان ٻڌل هئي، تنهن دائود کي مارڻ جو ارادو ڪيو.


جُوب ۾ وري بہ فلستين سان هڪ ٻي جنگ لڳي، جنهن ۾ بيت‌لحم شهر واري الحنان ولد يعريءَ جات شهر واري جوليت نالي فلستيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو نيزو ڪوريءَ جي آڏاڻي جي لٺ جهڙو هو.


هن هڪڙو مصري شخص پڻ ماري وڌو جيڪو ٻن ميٽرن کان وڌيڪ ڊگھو هو. جيتوڻيڪ ان مصريءَ جي هٿ ۾ ڪوريءَ جي لٺ جهڙو هڪڙو نيزو هو، تڏهن بہ بناياہ هڪڙي لٺ کڻي مٿس حملو ڪيو ۽ سندس هٿ مان نيزو کسي سندس ئي نيزي سان ماري وڌائينس.


فلستين سان هڪڙي ٻي جنگ ۾ الحنان ولد يعور هڪڙي ماڻهوءَ کي قتل ڪيو جنهن جو نالو لحمي هو، جيڪو جوليت جاتيءَ جو ڀاءُ هو ۽ هن جو نيزو ڪوريءَ جي آڏاڻي واري لٺ جهڙو هو.


ايتري ۾ اهو فلستي جالوت جنهن جي اڳيان سندس ڍال‌بردار هليو ٿي، سو وڌي دائود جي ويجھو آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ