6 سندس ٽنگن تي پتل جا جھاڙولا پيل هئا ۽ پٺيءَ تي هڪڙي پتل جي بڻڇي رکيل هئي.
6 ۽ هن کي ٽَنگن تي پتل جا جهاڙولا پيل هئا، ۽ ڪلهن جي وچ تي هڪڙي پتل جي بڻڇي رکيل هئي.
بادشاهہ سليمان ٻہ سؤ وڏيون ڍالون ٺهرايون جن جي مٿان سون جا پٽ چاڙهايائين. هر هڪ ڍال تي ساڍا ٽي ڪلوگرام سون لڳو.
سليمان بادشاهہ ٻہ سؤ وڏيون ڍالون ٺهرايون جن جي مٿان سون جا پٽ چاڙهايائين. هر هڪ ڍال تي ساڍا ٽي ڪلوگرام سون لڳو.
تڏهن دائود جالوت کي ورندي ڏني تہ ”تون مون تي تلوار، نيزو ۽ بڻڇي کنيو پيو اچين. پر آءٌ تو تي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي لشڪر جي خدا جي نالي سان پيو اچان، جنهن کان تو حقارت ڪئي آهي.
سندس مٿي تي پتل جو هڪڙو ٽوپ هو ۽ جسم تي پتل جي زرهہ پيل هئس جنهن جو وزن اٽڪل ستونجاهہ ڪلوگرام هو.