1.سموئيل 17:58 - Muslim Sindhi Bible58 تڏهن سائول هن کان پڇيو تہ ”اي جوان مرد! تون ڪنهن جو پٽ آهين؟“ دائود ورندي ڏنس تہ ”آءٌ اوهان جي ٻانهي بيتلحم واري يسيءَ جو پٽ آهيان.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible58 تڏهن سائول هن کي چيو تہ اي جوان مرد، تون ڪنهن جو پٽ آهين؟ ۽ دائود ورندي ڏني تہ آءٌ تنهنجي ٻانهي بيت لحم واري يسيءَ جو پٽ آهيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيتلحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“