Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:55 - Muslim Sindhi Bible

55 جنهن وقت دائود جالوت سان وڙهڻ لاءِ وڃي رهيو هو، تڏهن سائول بادشاهہ کيس ڏسي پنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار ابنير کان پڇيو تہ ”اي ابنير! هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟“ ابنير وراڻيس تہ ”اي بادشاهہ سلامت! مون کي خبر نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

55 ۽ جڏهن سائول دائود کي فلستيءَ سان وڙهڻ لاءِ ويندو ڏٺو، تڏهن پنهنجي سپهہ سالار ابنير کي چيائين تہ اي ابنير، هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟ ۽ ابنير چيو تہ اي بادشاهہ، تنهنجي جان جو قسم تہ آءٌ چئي نٿو سگهان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:55
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي هن ريت اوهان کي آزمائجي ٿو، فرعون جي سر جو قسم آهي تہ جيستائين اوهان جو سڀني کان ننڍو ڀاءُ هتي نہ ايندو تيستائين اوهين هتان وڃي ڪين سگھندا.


حنہ عيليءَ کي چيو تہ ”اي منهنجا سائين! تنهنجي سر جو قسم تہ آءٌ اها ئي عورت آهيان جنهن هتي تنهنجي ڀر ۾ بيهي خداوند کان دعا گھري هئي.


سائول جي زال جو نالو اخي‌نوم هو، جيڪا اخي‌معض جي ڌيءَ هئي. سندس فوج جي سپهہ‌سالار جو نالو ابنير هو، جيڪو سائول جي چاچي نير جو پٽ هو.


سو يسيءَ هن کي گھرائي ورتو ۽ اندر وٺي آيس. هن جو رنگ ڳاڙهو هو، سندس اکيون خوبصورت هيون ۽ هو سهڻو هو. تڏهن خداوند سموئيل کي چيو تہ ”اُٿ، هن کي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ مسح ڪر، ڇو تہ هي اهو ئي آهي.“


پوءِ دائود انهيءَ فلستي جالوت جي سسي کڻي يروشلم ۾ آيو. پر انهيءَ جا هٿيار هن پنهنجي خيمي ۾ ئي رکي ڇڏيا.


بادشاهہ چيس تہ ”پڇا ڪر تہ هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي.“


تڏهن سائول هن کان پڇيو تہ ”اي جوان مرد! تون ڪنهن جو پٽ آهين؟“ دائود ورندي ڏنس تہ ”آءٌ اوهان جي ٻانهي بيت‌لحم واري يسيءَ جو پٽ آهيان.“


پوءِ دائود نڪري انهيءَ هنڌ آيو جتي سائول جا خيما لڳل هئا. هن اها جاءِ بہ ڏٺي جتي سائول ۽ سندس سپهہ‌سالار ابنير ولد نير ستل هئا. سائول خيمي‌گاهہ جي وچ واري جاءِ ۾ ستو پيو هو ۽ سندس ماڻهو سندس چوڌاري وارن خيمن ۾ ستا پيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ