Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:47 - Muslim Sindhi Bible

47 ۽ هنن سڀني ماڻهن کي اها بہ خبر پوندي تہ خداوند تلوار ۽ نيزي سان نہ ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ جنگ جي فتح يا شڪست تہ خداوند جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ئي اوهان کي اسان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

47 ۽ هيءَ ساري جماعت ڄاڻي تہ خداوند ترار ۽ نيزي سان نٿو بچائي: ڇالاءِ جو جنگ خداوند جي آهي، ۽ اُهو اوهان کي اسان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:47
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ نعمان ۽ سندس سمورا نوڪر چاڪر خدا جي ٻانهي وٽ موٽي آيا. نعمان سندس اڳيان بيهي چيو تہ ”هاڻ مون ڄاڻي ورتو تہ خدا جيڪو اسرائيل ۾ آهي تنهن کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوبہ مبعود ڪونهي. سو مهرباني ڪري هاڻي اوهين پنهنجي ٻانهي کان تحفو قبول ڪريو.“


پوءِ آسا خداوند پنهنجي خدا کي پڪاريندي چيو تہ ”اي خداوند! تنهنجي اڳيان طاقتور ۽ ڪمزور جي وچ ۾ ڪو فرق ڪونهي. سوڀ ڏيڻ وارو تون ئي آهين. سو اي خداوند، اسان جا خدا! اسان جي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اسان جو ڀروسو تو تي آهي ۽ تنهنجو ئي نالو وٺي اسين هن وڏي لشڪر سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي آيا آهيون. اي خداوند! تون ئي اسان جو خدا آهين. ائين نہ ٿئي جو اسين شڪست کائون، ڇاڪاڻ تہ اها شڪست تنهنجي ئي ٿيندي.“


قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


پر يهوداہ وارن تي آءٌ رحم ڪري کين بچائيندس. اهي نڪي تيرڪمان، تلوار، گھوڙن يا گھوڙي سوارن جي وسيلي، نہ وري ڪنهن ٻئي جنگي هٿيار جي وسيلي بچي نڪرندا، بلڪ آءٌ خداوند سندن خدا پنهنجي قدرت جي ئي وسيلي کين بچائيندس.“


تڏهن انهيءَ ملائڪ مون کي يهوداہ جي گورنر زربابل لاءِ قادر‌مطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”اي زربابل! تون ڪامياب ٿيندين، نہ لشڪر جي زور سان، نہ انساني طاقت سان پر فقط منهنجي روح سان.


سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟


انهن سڀني حالتن ۾ بہ اسين انهيءَ جي وسيلي شاندار فتح حاصل ڪريون ٿا، جنهن اسان کي پيار ڪيو.


خداوند يشوع کي چيو تہ ”انهن کان نہ ڊڄجانءِ، ڇاڪاڻ تہ مون هنن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. هنن مان ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگھندو.“


يونتن پنهنجي هٿياربردار جوان کي وري چيو تہ ”اچ تہ هنن اڻ‌طهريلن جي پهريدارن ڏانهن هلون. من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري، ڇاڪاڻ تہ ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گھڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي.“


پوءِ سائول دائود کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب تو کي پرڻائي ٿو ڏيان. پر تون رڳو منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر ۽ خداوند لاءِ جنگيون وڙهندو رهہ.“ سائول سوچيو ٿي تہ ”دائود منهنجي هٿان نہ، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان ماريو وڃي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ