Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:36 - Muslim Sindhi Bible

36 اوهان جي هن ٻانهي شينهن توڙي رڇن کي ماريو آهي. سو هي اڻ‌طهريل فلستي بہ انهن مان ئي هڪڙي وانگر ٿيندو، ڇو تہ هن جيئري خدا جي لشڪر کي اچي ذليل ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:36
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سنحيرب شهنشاهہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي گستاخي ڪندي ۽ سندس بابت ڪفر بڪندي خط موڪليا جن ۾ لکيل هو تہ ”جهڙيءَ طرح ٻين ملڪن جي قومن جا معبود پنهنجي قوم کي منهنجي هٿن مان نہ ڇڏائي سگھيا، تهڙيءَ طرح حزقياہ جو خدا بہ پنهنجي قوم کي منهنجي هٿن مان ڇڏائي نہ سگھندو.“


پر خداوند هن جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”ڇا ڪهاڙي انهيءَ ماڻهوءَ اڳيان ٻٽاڪ هڻي ٿي سگھي، جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻي استعمال ٿو ڪري؟ يا ڪارائي انهيءَ سان وڏائي ڪري ٿي سگھي، جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻي هلائي ٿو؟ ڀلا لٺ پنهنجي کڻڻ واري کي ڪيئن ٿي لوڏي سگھي؟ يا لڪڻ ماڻهوءَ کي ڪيئن ٿو کڻي سگھي؟“


حزقياہ جي انهيءَ ڳالهہ تي يقين نہ ڪجو تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ضرور ڇڏائيندو ۽ هي شهر اشور جي شهنشاهہ جي قبضي ۾ نہ ڏيئي ڇڏيندو.


حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو ائين چئي اوهان کي گمراهہ ٿو ڪري تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ڇڏائيندو. ٻين قومن جي معبودن مان ڪنهن بہ هڪڙي پنهنجو ملڪ مون اشور جي شهنشاهہ جي هٿن مان ڪڏهن ڇڏايو آهي ڇا؟


تون ڌارين ماڻهن جي هٿان ڪتي جي موت مرندين، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند خدا جو تو لاءِ اهو ئي فرمان آهي.‘“


تون کين چئُہ تہ ’اي پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ حسين سمجھندڙ مصر وارؤ! اوهين هاڻي پاتال ۾ اڻ‌طهريلن سان گڏ وڃي پوندا.


اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.


اي يهوداہ وارؤ! قادر‌مطلق خداوند پنهنجي جلال کي ظاهر ڪرڻ بعد مون زڪرياہ کي پيغام ڏيئي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦري لٽي ڇڏيو آهي. هو اوهان بابت کين فرمائي ٿو تہ ”جيڪو منهنجي قوم تي هٿ کڻي ٿو، سو ڄڻ تہ منهنجي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇهي.


يونتن پنهنجي هٿياربردار جوان کي وري چيو تہ ”اچ تہ هنن اڻ‌طهريلن جي پهريدارن ڏانهن هلون. من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري، ڇاڪاڻ تہ ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گھڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي.“


اڄ آءٌ بني اسرائيل جي لشڪر کي للڪاريان ٿو تہ منهنجي لاءِ ڪو مرد موڪليو جيڪو مون سان مقابلو ڪري.“


تڏهن دائود پنهنجي ڀرسان بيٺل ماڻهن کان پڇيو تہ ”هي اڻ‌طهريل فلستي ٿيندو ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪر کي اچي ذليل ڪري! ٻڌايو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري ۽ بني اسرائيل تان اهو داغ دور ڪري تنهن کي ڇا ڏنو ويندو؟“


تڏهن آءٌ انهيءَ جي پٺيان ويندو آهيان ۽ انهيءَ کي ماري، سندس وات مان اهو ڇڏائيندو آهيان. جڏهن هو مون تي اُلر ڪري ايندو آهي، تڏهن آءٌ هن کي کاڏيءَ کان پڪڙي ماري ماري ختم ڪري ڇڏيندو آهيان.


دائود وڌيڪ چيو تہ ”جنهن خداوند مون کي شينهن توڙي رڇن جي چنبن کان بچائي ورتو، سو ئي مون کي هن فلستيءَ جي هٿان بہ بچائيندو.“ تڏهن سائول چيس تہ ”وڃ، شل خداوند تو ساڻ هجي.“


پوءِ سائول دائود کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب تو کي پرڻائي ٿو ڏيان. پر تون رڳو منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر ۽ خداوند لاءِ جنگيون وڙهندو رهہ.“ سائول سوچيو ٿي تہ ”دائود منهنجي هٿان نہ، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان ماريو وڃي.“


تڏهن سائول پنهنجي هٿياربردار کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي ماري ڇڏ، انهيءَ لاءِ تہ متان اڻ‌طهريل اچي مون کي قتل ڪن ۽ مون کي بي‌عزت ڪن.“ پر هن جي هٿياربردار ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هو ڊنو ٿي. تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي تلوار کنئي ۽ انهيءَ تي ئي ڪري پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ