Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:32 - Muslim Sindhi Bible

32 تڏهن دائود سائول کي چيو تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ جي ڪري ڪنهن جي بہ دل نہ گھٻرائي، آءٌ اوهان جو ٻانهو انهيءَ فلستيءَ سان وڃي وڙهندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ دائود سائول کي چيو تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي دل هن جي ڪري سست نہ ٿئي؛ تنهنجو ٻانهو وڃي هن فلستيءَ سان وڙهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:32
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تہ انهن لکين دشمنن کان بہ نہ ڊڄندس، جيڪي چئني طرفن کان منهنجو گھيرو ڪيو ويٺا آهن.


اوهين ڊڄڻيءَ دل وارن کي هي چئي همتايو تہ ”اوهين ڊڄو نہ، بلڪ همت ڌاريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي بچائڻ جي لاءِ اچي رهيو آهي. هائو، هو اچي رهيو آهي تہ جيئن اسان جي دشمنن کي سزا ڏيئي کانئن اسان جو پورو پورو بدلو وٺي.“


اتي تون کيس چئُہ تہ ’سنڀالي هل، حوصلو رک ۽ رضين، سندس ارامي فوج ۽ اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ جي مخالفت کان نہ ڊڄ. تنهنجي خلاف هنن جي ڪاوڙ ڄڻ تہ رڳو دونهون ڪڍندڙ انهن ٻن اُماڙين جيان آهي، جيڪي وسامڻ تي آهن. سو تون هنن کان نہ گھٻراءِ.


تڏهن ڪالب موسيٰ جي روبرو ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”هلو تہ هڪدم هلي اهو ملڪ هٿ ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان ۾ ايتري سگھہ آهي جو اهو پنهنجي قبضي ۾ ڪري سگھون.“


رڳو، اوهين خداوند جي خلاف بغاوت نہ ڪريو، نڪي انهيءَ ملڪ جي ماڻهن کان ڊڄو. هو تہ اسان جو کاڄ آهن. خداوند اسان سان آهي ۽ انهن تان ڇانوَ کڄي ويئي آهي، سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو.“


تنهنڪري ڍلا هٿ ۽ ڪمزور گوڏا مضبوط ڪريو.


تنهنڪري هاڻي مون کي اهو جابلو علائقو ڏي جنهن جو خداوند انهيءَ ڏينهن مون سان واعدو ڪيو هو. انهيءَ ڏينهن توهان ٻڌو هو تہ اتي عناق جو راڪاس جهڙو اولاد رهي ٿو ۽ اتي جا شهر وڏا ۽ قلعن وارا آهن. خداوند منهنجي مدد ڪئي تہ پوءِ آءٌ انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندس، جيئن خداوند فرمايو آهي.“


يونتن پنهنجي هٿياربردار جوان کي وري چيو تہ ”اچ تہ هنن اڻ‌طهريلن جي پهريدارن ڏانهن هلون. من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري، ڇاڪاڻ تہ ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گھڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي.“


سندس نوڪرن مان هڪڙي وراڻيو تہ ”مون بيت‌لحم واري يسيءَ جو پٽ ڏٺو آهي، جيڪو سُرندي وڄائڻ ۾ تمام ماهر آهي. هو ڏاڍو بهادر ۽ جنگي جوان آهي. هو ڳالهائڻ ۾ هوشيار، هڪ خوبصورت ماڻهو آهي ۽ خداوند هن ساڻ آهي.“


ڪن ماڻهن دائود جون چيل ڳالهيون ٻڌي اُهي سائول بادشاهہ جي اڳيان وڃي بيان ڪيون ۽ هن دائود کي پاڻ وٽ گھرايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ