Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:25 - Muslim Sindhi Bible

25 هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”تون انهيءَ ماڻهوءَ کي ڏسين ٿو جيڪو نڪري آيو آهي؟ پڪ سان اهو بني اسرائيل کي ذليل ڪرڻ لاءِ آيو آهي. سو جيڪو ماڻهو انهيءَ کي ماري ڇڏيندو تنهن کي سائول بادشاهہ دولت سان مالا مال ڪري ڇڏيندو ۽ پنهنجي ڌيءَ بہ کيس پرڻائيندو. ان کان علاوہ سندس گھراڻو بني اسرائيل ۾ هر ڪنهن ڳالهہ کان آزاد رهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ اسرائيل جي ماڻهن چيو تہ اهو ماڻهو جو آيو آهي سو اوهان ڏٺو آهي؟ پڪ آهي تہ هو اسرائيل کي هاڪارڻ لاءِ آيو آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو ماڻهو هن کي ماري وجهندو انهي کي بادشاهہ وڏي دولت ڏيئي شاهوڪار ڪري ڇڏيندو، ۽ انهي کي پنهنجي ڌيءَ بہ پرڻائيندو، ۽ انهي جي پيءُ جي گهراڻي کي اسرائيل ۾ آزاد ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:25
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان کي اهو بہ معلوم هجي تہ ڪاهنن، لاوين، خدا جي هيڪل جي ڳائڻن، دربانن ۽ خدمتگارن يا هيڪل سان واسطي رکندڙن مان ڪنهن تي بہ ڪا ڍل، ٽيڪس يا چونگي ناهي مڙهڻي.“


تنهن تي پطرس جواب ڏنو تہ ”ڌارين کان.“ عيسيٰ چيو تہ ”چڱو، پوءِ ان جو مطلب تہ ملڪ جا رهاڪو ٽيڪس ڏيڻ کان آجا آهن.


تڏهن ڪالب چيو تہ ”جيڪو قريت‌سِفر تي حملو ڪري مٿس قبضو ڪندو تنهن کي آءٌ پنهنجي ڌيءَ عڪسہ پرڻائيندس.“


جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ هڪڙو اڇو پٿر بہ ڏيندوسانس. انهيءَ پٿر تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، جنهن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو، سواءِ انهيءَ جي جنهن کي ملندو.“


جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ زندگي ڏيندڙ انهيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو خدا جي باغ، يعني بهشت ۾ آهي.“


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي خدا جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي خدا وٽان آسمان کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ پنهنجي تخت تي ويهاريندس، جهڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


هائو، جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي اهڙيءَ طرح اڇا ڪپڙا پهرايا ويندا. آءٌ سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنهنجي پيءُ ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اهو شخص منهنجو آهي.


بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي بيحد ڊنا ۽ سندس اڳيان وٺي ڀڳا.


ماڻهن کيس جواب ۾ اهي ئي ڳالهيون ٻڌائي چيو تہ جيڪو ماڻهو هن کي ماريندو تنهن کي ڇا ڇا انعام ڏنو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ