Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:24 - Muslim Sindhi Bible

24 بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي بيحد ڊنا ۽ سندس اڳيان وٺي ڀڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ جڏهن اسرائيلين اُهو ماڻهو ڏٺو تڏهن سڀئي کانئس ڀڄي پري ٿيا ۽ ڏاڍا ڊنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:24
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪڙي دشمن سپاهيءَ جي دڙڪي سان اوهان جا هڪ هزار ماڻهو ڀڄي نڪرندا. پنجن دشمنن جي دڙڪي سان اوهين سڀ ڀڄي ويندا. ايتري قدر جو اوهان مان ڪوبہ باقي نہ رهندو، سواءِ ڪنهن هڪ اڌ جي، جيڪو ڄڻ ويران ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ڪنهن ٿنڀي يا جھنڊي جيان ڏسڻ ۾ اچي.


يروشلم تي سندن حملي کان اڳ آخز بادشاهہ کي اها خبر ڏني ويئي تہ ارام ۽ اسرائيل پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي، تنهن تي آخز ۽ سندس قوم جي دل خوف وچان ائين لڏي ويئي جيئن جھنگ جا وڻ واءُ لڳڻ ڪري لڏندا آهن.


اوهان منجھان جيڪي بچي دشمنن جي ملڪ ۾ رهندا هوندا، تن جي دلين ۾ آءٌ اهڙو تہ خوف پيدا ڪندس جو اهي پن لڏڻ جي کڙڪي تي بہ وٺي ڀاڄ کائيندا. هو ائين ڀڄندا جيئن ڪو تلوار کان ڀڄي، ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو هوندو تہ بہ هو ڪرندا ويندا.


اسان اتي راڪاس بہ ڏٺا جيڪي عناق جو اولاد هئا. اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.“


خداوند، تنهنجو محافظ جيڪڏهن تو کي ڇڏي نہ ڏي ها، هائو، جيڪڏهن هو تو کي ٻين جي حوالي نہ ڪري ها، تہ پوءِ ڪيئن تنهنجي هڪ هزار جي پٺيان هڪڙو ڄڻو پوي ها، ۽ ڪيئن تنهنجي ڏهن هزارن کي ٻہ ڄڻا ڀڄائي ڪڍن ها؟


سائول ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جڏهن انهيءَ فلستيءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن کين دهشت وٺي ويئي ۽ هو تمام گھڻو ڊنا.


اڃا هو انهن سان ڳالهائي ئي رهيو هو تہ جات شهر وارو جالوت فلستين جي صفن مان نڪري آيو ۽ اڳي وارا لفظ ورجائڻ لڳو. دائود سندس اهي لفظ ٻڌا.


هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”تون انهيءَ ماڻهوءَ کي ڏسين ٿو جيڪو نڪري آيو آهي؟ پڪ سان اهو بني اسرائيل کي ذليل ڪرڻ لاءِ آيو آهي. سو جيڪو ماڻهو انهيءَ کي ماري ڇڏيندو تنهن کي سائول بادشاهہ دولت سان مالا مال ڪري ڇڏيندو ۽ پنهنجي ڌيءَ بہ کيس پرڻائيندو. ان کان علاوہ سندس گھراڻو بني اسرائيل ۾ هر ڪنهن ڳالهہ کان آزاد رهندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ