Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:18 - Muslim Sindhi Bible

18 سندن دستي جي سالار لاءِ بہ پنير جون هي ڏهہ ٽڪيون کڻي وڃ ۽ ڏسي بہ اچ تہ تنهنجا ڀائر ڪيئن پيا گذارين، انهن کان ڪا نشاني وٺي اچجانءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ هي پنير جون ڏهہ ٽڪيون انهن جي هزار جي سردار کي ڏيئي اچ، ۽ ڏسي بہ اچ تہ تنهنجا ڀائر ڪيئن پيا گذارين، ۽ انهن جي ڪا نشاني وٺي اچج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ يعقوب يوسف کي چيو تہ ”تنهنجا ڀائر سڪم ۾ ڌڻ چاري رهيا هوندا. آءٌ تو کي اوڏانهن موڪلڻ ٿو چاهيان.“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ حاضر آهيان.“


تڏهن هن چيس تہ ”وڃي ڏسي اچ تہ تنهنجا ڀائر ۽ ڌڻ خيريت سان آهن. پوءِ موٽي اچي مون کي ٻڌاءِ.“ سو يعقوب يوسف کي حبرون جي ماٿريءَ مان روانو ڪيو. جڏهن يوسف سڪم ۾ پهتو


مردڪئي هر روز حرم خاني جي اڱڻ اڳيان پيو ڦيرا پائيندو هو، انهيءَ لاءِ تہ معلوم ڪري تہ آستر ڪيئن آهي ۽ ساڻس ڇا ڇا پيو وهي واپري.


تو پاڻيءَ جي ڦڙي جي صورت ۾ مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ اوتيو، ۽ اتي منهنجي بدن جي بناوت شروع ڪئي.


تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ جھڪي نياز سان هن کي چميائين. ٻنهي هڪٻئي جي خيرعافيت پڇي، پوءِ هو گڏجي تنبوءَ ۾ آيا.


ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”هل تہ جن جن شهرن ۾ اسان مسيح بابت خداوند جو پيغام ٻڌايو آهي، اتي انهن ڀائرن ڀينرن وٽ وري هلون ۽ ڏسون تہ انهن جو ڪهڙو حال آهي.“


تڏهن هو انهيءَ پاسي ڦري ميڪاہ جي گھر ۾ انهيءَ جوان لاويءَ جي رهائش‌گاهہ تي آيا ۽ ساڻس سلام دعا ڪرڻ لڳا.


تڏهن يسيءَ هڪڙي گڏهہ تي مانيون، پراڻي مئي جي سانداري ۽ هڪڙو ڇيلو رکي اهو پنهنجي پٽ دائود جي هٿان سائول ڏانهن ڏياري موڪليو.


اهي سائول بادشاهہ ۽ بني اسرائيل جي ٻين سڀني ماڻهن سان گڏ ايلہ جي ماٿريءَ ۾ فلستين سان جنگ ٿا ڪن.“


سو دائود پنهنجا ڏهہ نوڪر ڪرمل شهر ڏانهن موڪليا ۽ کين چيائين تہ ”نابال کي وڃي منهنجي پاران سلام چئو.


پوءِ دائود انهن ٻن سون ماڻهن وٽ موٽي آيو، جيڪي گھڻي ٿڪ جي ڪري ساڻس گڏ هلي نہ سگھيا هئا ۽ جن کي هو بسور جي برساتي نهر وٽ ڇڏي ويا هئا. اهي دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، تن سان ملڻ لاءِ اڳتي نڪري آيا. دائود جڏهن انهن ماڻهن جي ويجھو آيو تہ ساڻن گرم‌جوشيءَ سان مليو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ