Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:11 - Muslim Sindhi Bible

11 سائول ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جڏهن انهيءَ فلستيءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن کين دهشت وٺي ويئي ۽ هو تمام گھڻو ڊنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ جڏهن سائول ۽ سڀني اسرائيلين انهي فلستيءَ جي اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هو بيحواس ٿي ويا، ۽ ڏاڍا ڊنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:11
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ خداوند مون سان آهي، سو آءٌ ڊڄڻ وارو نہ آهيان. انسان مون کي ڇا ڪري سگھندو؟


خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجو بچاءُ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟


بدڪار ماڻهو ڊڄي ڀڄي ويندا آهن، توڙي جو کين ڪوبہ خطرو نہ هجي. مگر سچار ماڻهو شينهن وانگر دلير ٿا ٿين.


اي بني اسرائيل! ڀلا اوهين ڪنهن کان ٿا ڊڄو، ۽ ڪنهن جي ڊپ جي ڪري ڪوڙن معبودن کي ٿا پوڄيو، ۽ مون کي ياد بہ نہ ٿا ڪريو، نڪي پنهنجيءَ دل ۾ مون بابت سوچو ٿا؟ ڇا اهو سڀ هن ڪري نہ آهي جو آءٌ گھڻي عرصي کان ماٺ آهيان، ۽ اوهان کي ڪا سزا ڪانہ ڏني اٿم؟ اهو ئي سبب آهي جو اوهين مون کان نہ ٿا ڊڄو.


خداوند پاڻ اوهان جي رهنمائي پيو ڪري. هو اوهان ساڻ ئي رهندو. هو اوهان کي نااميد نہ ڪندو، نڪي اوهان کي ڇڏي ڏيندو. سو اوهين نہ ڊڄو، نڪي بي‌همت ٿيو.“


ڏس، مون تو کي حڪم ڪيو آهي تہ مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ. نڪي ڊڄ نڪي بي‌همت ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ جيڏانهن بہ تون ويندين تيڏانهن آءٌ خداوند تنهنجو خدا تو سان گڏ هوندس.“


انهن مان ڪي اردن درياءُ پار ڪري جد ۽ جِلعاد جي علائقي ڏانهن هليا ويا. پر سائول اڃا بہ جِلجال ۾ ئي رهيل هو ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا سي خوف کان ڏڪندا ٿي رهيا.


اڄ آءٌ بني اسرائيل جي لشڪر کي للڪاريان ٿو تہ منهنجي لاءِ ڪو مرد موڪليو جيڪو مون سان مقابلو ڪري.“


دائود يهوداہ جي بيت‌لحم شهر ۾ رهندڙ يسيءَ نالي هڪڙي افراتيءَ جو پٽ هو. يسيءَ کي اٺ پٽ هئا. سائول بادشاهہ جي زماني ۾ يسي پوڙهو ۽ عمررسيدہ ٿي چڪو هو.


تڏهن هن انهن جي اڳيان پنهنجي هلت چلت ڦيرائي ڇڏي ۽ پاڻ کي ديواني جيان بڻايو. هو دروازي جي طاقن تي ليڪا ڪڍڻ لڳو ۽ پنهنجيءَ ڏاڙهيءَ تي گِگَ وهائڻ لڳو.


فلستين جڏهن ٻڌو تہ بني اسرائيل مصفاہ ۾ اچي گڏ ٿيا آهن، تڏهن سندن پنج ئي سردار بني اسرائيل تي ڪاهہ ڪري آيا. بني اسرائيل جي ماڻهن جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هو فلستين کان ڊڄي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ