Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اڄ آءٌ بني اسرائيل جي لشڪر کي للڪاريان ٿو تہ منهنجي لاءِ ڪو مرد موڪليو جيڪو مون سان مقابلو ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ انهي فلستيءَ چيو تہ اڄ اسرائيل جي لشڪرن کي آءٌ هاڪاريان ٿو تہ ڪو ماڻهو مون کي ڪڍي ڏين تہ اسين پاڻ ۾ وڙهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:10
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هن بني اسرائيل جي ماڻهن کي للڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعيءَ جي پٽ يونتن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.


انهيءَ کان پوءِ ٻيو بهادر اليعزر ولد دودو هو، جيڪو اخوحي گھراڻي جو هو. انهن ”ٽن جو ٽولو“ جي بهادرن مان هن دائود سان گڏجي جنگ لاءِ گڏ ٿيل فلستين کي للڪاريو هو. جيتوڻيڪ دائود جو ٻيو سڄو لشڪر ڀڄي ويو هو،


اشور جي شهنشاهہ پنهنجو عملدار اعليٰ موڪليو آهي جيڪو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


پر جڏهن سنبلط حوروني، طوبياہ ۽ جشم نالي هڪ عرب اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اسان تي کل ٺٺوليون ڪندي حقارت وچان اسان کان پڇيائون تہ ”اهو ڪهڙو ڪم آهي، جيڪو اوهين ڪريو ٿا؟ اوهين شهنشاهہ جي خلاف بغاوت ڪندءُ ڇا؟“


مغرورن کي تباهي وَ برباديءَ تائين پهچايو ويندو. هائو، هٺيلن کي ڪنڌ ڀر ڪيرايو ويندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نہ ئي ڪو زورآور پنهنجي زور تي فخر ڪري، نہ وري دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري،


تنهنڪري هاڻ، آءٌ نبوڪدنضر چوان ٿو تہ عرش واري بادشاهہ جي واکاڻ ۽ تعريف هجي، آءٌ عرش واري بادشاهہ کي تعظيم ٿو ڏيان، هو پنهنجي سڀني ڪمن ۾ صحيح آهي، سندس راهون انصاف واريون آهن. هٺيلا ماڻهو جيڪي هٺ تي هلن ٿا، تن جو هٺ ڀڃڻ جي هو قدرت رکي ٿو.“


سائول ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جڏهن انهيءَ فلستيءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن کين دهشت وٺي ويئي ۽ هو تمام گھڻو ڊنا.


اوهان جي هن ٻانهي شينهن توڙي رڇن کي ماريو آهي. سو هي اڻ‌طهريل فلستي بہ انهن مان ئي هڪڙي وانگر ٿيندو، ڇو تہ هن جيئري خدا جي لشڪر کي اچي ذليل ڪيو آهي.“


تڏهن دائود جالوت کي ورندي ڏني تہ ”تون مون تي تلوار، نيزو ۽ بڻڇي کنيو پيو اچين. پر آءٌ تو تي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي لشڪر جي خدا جي نالي سان پيو اچان، جنهن کان تو حقارت ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ