Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 16:21 - Muslim Sindhi Bible

21 جڏهن دائود سائول وٽ پهچي سندس خدمتگار بڻيو، تڏهن هو سائول کي ايترو تہ وڻيو جو هن کيس پنهنجو هٿياربردار مقرر ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ دائود سائول وٽ آيو، ۽ اڳيان اچي بيهي رهيس: ۽ هو انهي کي ڏاڍو وڻيو ۽ سندس زرهہ بردار ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 16:21
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان وقت يوسف ٽيهن سالن جو هو جڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون جي نوڪري شروع ڪيائين. پوءِ يوسف فرعون جي درٻار مان نڪري مصر جي سڄي ملڪ جو دورو ڪرڻ لڳو.


تنهنجيون زالون ڪيڏيون نہ خوش‌نصيب آهن! تنهنجا عملدار ڪيڏا نہ خوش‌نصيب آهن، جيڪي هر وقت تو وٽ حاضر رهن ٿا ۽ تنهنجيون ڏاهپ جون ڳالهيون ٻڌن ٿا!


اوهين دنيا جي سردارن، بلڪ ڪنهن بہ بني بشر تي ڪو ڀروسو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان کي بچائي نہ ٿا سگھن.


سڀيئي انسان پوءِ ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ، سي بي‌بقا ۽ رڳو ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن. جيڪڏهن اهي تارازيءَ ۾ توريا وڃن تہ بلڪل ئي هلڪا نڪرن. هائو، اهي سڀ جو سڀ هڪ ڦوڪ کان بہ هلڪا آهن.


مها ڪاريگر عام ڪاريگرن کان وڌيڪ آهي، سو کانئس بادشاهن جي لاءِ ڪم ڪرايو وڃي ٿو. هائو، عام ماڻهن جو ڪم کانئس نہ ٿو ڪرايو وڃي.


پر نون جو پٽ يشوع جيڪو تنهنجو خادم آهي، سو انهيءَ ۾ داخل ٿيندو. تون انهيءَ کي همتاءِ، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ جو وارث بڻائيندو.‘


هوڏانهن جڏهن بني اسرائيل اڃا سينا جبل وٽ ئي هئا تہ خداوند لاويءَ جي قبيلي کي الڳ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي خداوند جي عهد واري صندوق کڻن ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي سندس خدمت ڪن ۽ سندس نالو وٺي ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن. اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو پيو اچي.


تنهن تي هن جلدي پنهنجي هٿياربردار جوان کي سڏي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي مار، تہ جيئن منهنجي باري ۾ ائين چوڻ ۾ نہ اچي تہ ’هڪڙي عورت هن کي ماري وڌو.‘“ سو سندس هٿياربردار تلوار منجھس ٽُنبي ڏني ۽ هو مري ويو.


پوءِ سائول يسيءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيئن تہ دائود مون کي پسند آيو آهي، تنهنڪري تون کيس مون وٽ رهڻ ڏي.“


سو انهن ڏينهن ۾ هو بيت‌لحم ۾ پنهنجي پيءُ جون رڍون ٻڪريون چارڻ لاءِ سائول جي لشڪر کان ايندو ويندو هو.


جنهن وقت دائود جالوت سان وڙهڻ لاءِ وڃي رهيو هو، تڏهن سائول بادشاهہ کيس ڏسي پنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار ابنير کان پڇيو تہ ”اي ابنير! هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟“ ابنير وراڻيس تہ ”اي بادشاهہ سلامت! مون کي خبر نہ آهي.“


تڏهن يونتن دائود کي سڏايو ۽ اهي سڀ ڳالهيون کيس بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ هو دائود کي سائول وٽ وٺي آيو ۽ اڳي وانگر دائود سائول جي حاضريءَ ۾ رهڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ