Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 16:19 - Muslim Sindhi Bible

19 سو سائول يسيءَ ڏانهن قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ ”تنهنجو پٽ دائود جيڪو رڍن ٻڪرين سان هوندو آهي، تنهن کي مون وٽ موڪلي ڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 تنهنڪري سائول يسيءَ ڏي قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ تنهنجو پٽ دائود، جو رڍن سان آهي، تنهن کي مون وٽ موڪلي ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 16:19
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو الياس اتان روانو ٿيو ۽ وڃي اليشع ولد شافاط کي لڌائين جيڪو زمين ۾ هر ڪاهي رهيو هو. ڪل ٻارهن جوٽون هيون. يارهن جوٽون کانئس اڳيان هيون، هو پاڻ ٻارهين يعني آخري جوٽ سان هو. الياس وٽس ويو ۽ پنهنجي چادر لاهي هن جي مٿان اڇلائي وڌائين.


۽ انهن کي سردارن سان گڏ ويهاري ٿو. هائو، هو کين پنهنجي قوم جي سردارن جهڙو شان وَ شوڪت عطا ڪري ٿو.


هي ڳالهيون تقوع شهر جي ڌنار عاموس جون آهن. اسرائيل وارن بابت اهي ڳالهيون يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ عُزياہ ۽ اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ يربعام ثاني ولد يهوآس جي ڏينهن ۾ زلزلي کان ٻہ سال اڳ خدا عاموس کي رويا ۾ ڏيکاريون.


تڏهن سموئيل يسيءَ کان پڇيو تہ ”تنهنجا سمورا پٽ اهي ئي آهن ڇا؟“ يسيءَ وراڻيو تہ ”سڀني کان ننڍو اڃا باقي آهي، جيڪو رڍون چارڻ ويو آهي.“ تڏهن سموئيل چيس تہ ”انهيءَ کي گھرائي وٺ، ڇاڪاڻ تہ جيستائين هو هتي نہ ايندو تيستائين اسين ڪجھہ نہ ڪنداسين.“


سندس نوڪرن مان هڪڙي وراڻيو تہ ”مون بيت‌لحم واري يسيءَ جو پٽ ڏٺو آهي، جيڪو سُرندي وڄائڻ ۾ تمام ماهر آهي. هو ڏاڍو بهادر ۽ جنگي جوان آهي. هو ڳالهائڻ ۾ هوشيار، هڪ خوبصورت ماڻهو آهي ۽ خداوند هن ساڻ آهي.“


تڏهن يسيءَ هڪڙي گڏهہ تي مانيون، پراڻي مئي جي سانداري ۽ هڪڙو ڇيلو رکي اهو پنهنجي پٽ دائود جي هٿان سائول ڏانهن ڏياري موڪليو.


سو انهن ڏينهن ۾ هو بيت‌لحم ۾ پنهنجي پيءُ جون رڍون ٻڪريون چارڻ لاءِ سائول جي لشڪر کان ايندو ويندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ