Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 16:16 - Muslim Sindhi Bible

16 سو اي آقا! اسين اوهان جا نوڪر، جيڪي توهان جي اڳيان حاضر آهيون، تن کي حڪم ڪريو تہ ڪو اهڙو ماڻهو ڳولي وٺي اچون جيڪو سُرندو وڄائڻ ۾ ماهر هجي. پوءِ جڏهن اهو ستائيندڙ روح خدا وٽان توهان تي ايندو، تڏهن اهو ماڻهو پنهنجي هٿ سان سُرندو وڄائيندو تہ توهين چڱا ڀلا ٿي پوندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 هاڻي اسان جا سائين تنهنجا نوڪر جي تنهنجي اڳيان بيٺا آهن تن کي حڪم ڏي تہ ڪو اهڙو ماڻهو ڳولي وٺي اچن جو بربط وڄائڻ ۾ هوشيار هجي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اهو بدروح خداوند وٽان توتي ايندو، تڏهن اُهو پنهنجي هٿ سان بربط وڄائيندو ۽ تون چڱو ڀلو ٿيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 16:16
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان وقت يوسف ٽيهن سالن جو هو جڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون جي نوڪري شروع ڪيائين. پوءِ يوسف فرعون جي درٻار مان نڪري مصر جي سڄي ملڪ جو دورو ڪرڻ لڳو.


تنهنجيون زالون ڪيڏيون نہ خوش‌نصيب آهن! تنهنجا عملدار ڪيڏا نہ خوش‌نصيب آهن، جيڪي هر وقت تو وٽ حاضر رهن ٿا ۽ تنهنجيون ڏاهپ جون ڳالهيون ٻڌن ٿا!


پر هاڻ مون وٽ هڪڙو سُرندائي وٺي اچ.“ جڏهن سُرندائيءَ پنهنجو سرندو وڄايو پئي تڏهن خداوند جو هٿ اليشع تي آيو.


انهيءَ کان پوءِ تون خدا واري جِبعت شهر ڏانهن چڙهي وڃجانءِ، جتي فلستي سپاهين جو پهرو آهي. جڏهن تون اتي شهر ۾ داخل ٿيندين تڏهن تو کي نبين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جيڪا سُرندو، دڦ، بانسري ۽ دنبورو وڄائيندي انهيءَ ٽڪر واري عبادت‌گاهہ کان هيٺ لهندي ايندي هوندي ۽ اهي خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ايندا هوندا.


هيڏانهن وري خداوند جو روح سائول کي ڇڏي ويو ۽ خداوند جي طرفان موڪليل هڪڙو ستائيندڙ روح اچي کيس ستائڻ لڳو.


سائول جي نوڪرن کيس چيو تہ ”جيئن تہ خدا جي طرفان موڪليل ستائيندڙ روح اچي توهان کي ستائي ٿو،


تڏهن سائول پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”هڪڙو سٺو سُرندو وڄائڻ وارو ماڻهو منهنجي لاءِ ڳولي کيس مون وٽ وٺي اچو.“


ٻئي ڏينهن هڪڙو ستائيندڙ روح خدا جي طرفان سائول تي نازل ٿيو ۽ هو پنهنجي گھر ۾ هل مچائڻ لڳو. تنهن تي دائود روزانو وانگر سُرندو وڄائڻ لڳو. ان وقت سائول جي هٿ ۾ نيزو هو.


پوءِ هڪڙي ڏينهن وري خداوند جي طرفان هڪڙو ستائيندڙ روح سائول تي اچي نازل ٿيو. انهيءَ وقت هو پنهنجي گھر ۾ نيزو هٿ ۾ کنيو ويٺو هو ۽ دائود سُرندو ويٺي وڄايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ