Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 15:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پر سائول ۽ سندس ماڻهن اجاج کي ۽ تمام چڱين رڍن ٻڪرين، ڍورن ڍڳن، ٿلهن متارن ڇيلن ۽ گھيٽن کي ۽ ٻيو جيڪي چڱو هو تنهن کي ڇڏي ڏنو ۽ انهن کي بلڪل برباد ڪرڻ نہ گھريائون. مگر جيڪا شيءِ بي‌ملهہ ۽ بيڪار هئي، تنهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 پر سائول ۽ سندس ماڻهن اجاج کي، ۽ تمام چڱين رڍن، ۽ ڏاندن، ۽ ٿلهي متاري مال کي، ڇيلن ۽ گهيٽن کي، ۽ ٻيو جيڪي چڱو هو تنهن کي ڇڏي ڏنو، ۽ بلڪل تباهہ ڪري ڇڏڻ نہ گهريائون: پر جيڪا شيءِ بي ملهہ ۽ نڪمي هئي تنهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 15:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هيئن ٿيو جو جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارا اڃا ڇهہ قدم هليا تہ دائود هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو ٿلهو متارو گابو قربان ڪيو.


بن‌هدد اخي‌اب کي چيو تہ ”جيڪي شهر منهنجي پيءُ تنهنجي پيءُ کان کسيا هئا سي آءٌ اوهان کي موٽائي ڏيندس ۽ پوءِ توهين ڀلي دمشق شهر ۾ واپار لاءِ بازاريون ٺهرايو جيئن منهنجي پيءُ سامريہ شهر ۾ ٺهرايون هيون.“ تڏهن اخي‌اب کيس چيو تہ ”انهن شرطن تي آءٌ تو کي ڇڏي ڏيندس.“ سو بن‌هدد اخي‌اب سان اهو معاهدو ڪيو، پوءِ اخي‌اب کيس موڪل ڏني.


هي عطر وڏيءَ رقم ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اهي پئسا غريبن کي ڏجن ها.“


پر اوهين خداوند جي راهہ ۾ انهن فنا ڪرڻ وارين مخصوص شين کان پاڻ کي پري رکجو، متان انهن مان ڪا شيءِ کڻي پاڻ تي ۽ بني اسرائيل جي خيمي‌گاهہ تي تباهي آڻيو.


لُٽ جي مال ۾ مون بابل ملڪ جي هڪڙي سهڻي پوشاڪ، اٽڪل ٻہ ڪلوگرام چاندي ۽ تقريباً اڌ ڪلو تور جي هڪ سوني سر ڏٺي. مون کي انهن جي لالچ ٿي، سو مون اهي کڻي ورتيون. هاڻي اهي منهنجي تنبوءَ ۾ زمين اندر پوريل آهن، چاندي سڀني جي هيٺان آهي.“


تڏهن خداوند سموئيل سان ڳالهائيندي کيس فرمايو تہ


سائول کيس ورندي ڏني تہ ”لشڪر جا ماڻهو اهي عماليقين وٽان ڪاهي آيا آهن. جيڪي تمام چڱيون رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا هئا سي ماڻهن بچائي آندا آهن، انهيءَ لاءِ تہ خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جي اڳيان انهن کي قربان ڪن ۽ باقي ٻيو سڀ ڪجھہ اسان بلڪل چٽ ڪري ڇڏيو آهي.“


پوءِ ڇو تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو؟ بلڪ لٽ جي مال تي ڪاهي پئين. اهو اهڙو ڪم ڪيو اٿيئي جيڪو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.“


سو هاڻي تون وڃي عماليقين تي حملو ڪري کين ماري ڇڏ ۽ جيڪي بہ وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر ۽ اصل نہ ڇڏين. سندن مردن، عورتن، ٻارن ۽ کير پياڪن سان گڏ سندن سڀني ڍورن ڍڳن کي قتل ڪري ڇڏ.‘“


جيئن تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو هو ۽ عماليقين کي سندس ڪاوڙ موجب پوريءَ طرح برباد نہ ڪيو هو، تنهنڪري ئي خداوند اڄ تو سان ائين ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ