Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 15:6 - Muslim Sindhi Bible

6 هن قينين ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيئن تہ اوهان جا ابا ڏاڏا بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ وقت ساڻن مهربانيءَ سان پيش آيا هئا، تنهنڪري اوهين هتان هليا وڃو ۽ عماليقين مان نڪري وڃو، تہ متان آءٌ اوهان کي بہ انهن سان گڏ تباهہ نہ ڪري ڇڏيان.“ تڏهن قيني قبيلي وارا عماليقين مان نڪري هليا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ سائول قينين کي چيو تہ وڃو، روانا ٿيو، ۽ عماليقين منجهان نڪري هيٺ وڃو، تہ متان آءٌ اوهان کي بہ هنن سان گڏ تباهہ ڪري ڇڏيان: ڇالاءِ جو اوهان بني اسرائيل کي سندن مصر مان نڪرڻ وقت مهرباني ڏيکاري. انهي طرح قيني عماليقين مان نڪري هليا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 15:6
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن ۾ هنن سڀني قومن جا علائقا شامل آهن: قيني، قنزي، قدموني،


پڪ تون سچارن کي بدڪارن سان گڏ نہ ماريندين. ائين نہ ٿو ٿي سگھي، تون ائين نہ ٿو ڪري سگھين. جيڪڏهن ائين ڪندين تہ پوءِ سچار بدڪارن جهڙا ليکبا. ائين نہ ٿو ٿي سگھي. سڄي دنيا جي انصاف ڪرڻ واري کي انصاف ڪرڻو آهي.“


هو يعبيض ۾ رهندڙ ڪاتبن جي هنن گھراڻن جو پڻ وڏو هو: ترعاتي، سمعاتي ۽ سوڪاتي. اهي سڀ قيني هئا جيڪي ريڪابين جي وڏي حمات جي نسل مان هئا.


هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، آءٌ تو کي سٺي صلاح ٿو ڏيان، تہ جيئن خدا تو ساڻ هجي. تنهنجي لاءِ چڱو آهي تہ تون ماڻهن جي پاران خدا ڏانهن عيوضي ٿي ويندو ڪر ۽ انهن جا سڀ معاملا خدا جي آڏو پيش ڪندو ڪر.


جيڪڏهن اوهين زندگي چاهيو ٿا تہ پنهنجي اڻ‌ڄاڻائي ڇڏي ڏيو ۽ دانائيءَ واري رستي تي هلو.


سڀ بني اسرائيل جيڪي انهن جي آس‌پاس هئا سي انهن جون دانهون ٻڌي اُٿي ڀڳا. رڙيون ڪندي چيائون ٿي تہ ”اُٿو! ڀڄو! متان زمين اسان کي بہ نہ ڳهي وڃي.“


پطرس انهن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي هن بڇڙي زماني کان بچايو.“


تنهنڪري ئي خداوند جو فرمان آهي تہ ”اوهين انهن مان نڪري الڳ ٿي رهو، ۽ ڪنهن بہ پليت شيءِ کي هٿ نہ لايو، تڏهن آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.


خداوند عيسيٰ شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي رحم ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترائي ڀيرا قيد ۾ منهنجي سار سنڀال ڪئي ۽ منهنجي قيدي هئڻ سبب ڪا شرمساري محسوس نہ ڪيائين.


اهي سوداگر بابل شهر کي چوندا تہ ”تنهنجا دل پسند ميوا تو وٽان هليا ويا ۽ سموريون لذيذ ۽ عيش عشرت واريون شيون جيڪي تو وٽ هيون، سي بہ تو وٽان گم ٿي ويون ۽ وري ڪڏهن بہ هٿ ڪين اينديون.“


موسيٰ جي ساهراڻي خاندان مان قينيءَ جو اولاد کجين واري شهر يريحو مان بني يهوداہ سان گڏجي يهوداہ جي بيابان ۾ ويو جيڪو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي. هو اتي وڃي عماليقين سان رهڻ لڳا.


هوڏانهن حبر قيني جيڪو موسيٰ جي سالي حباب جي اولاد مان هو، تنهن ٻين قينين کان الڳ ٿي، قادس شهر جي ويجھو ضعننيم ۾ وڃي شاهہ‌بلوط جي هڪڙي وڻ وٽ پنهنجو خيمو کوڙيو.


پر سڀاڳي آهي حبر قينيءَ جي زال ياعيل، هائو، خيمن ۾ رهندڙ عورتن کان، بلڪ سڀني عورتن کان اها وڌيڪ سڀاڳي آهي.


پوءِ سائول لشڪر ساڻ ڪري عماليقين جي شهر ڏانهن ويو ۽ ٻاهر برساتي نهر ۾ اچي لڪي ويهي رهيو.


پر جڏهن اڪيس کانئس پڇندو هو تہ ”اڄ اوهان ڪيڏانهن ڪاهہ ڪئي هئي؟“ تڏهن دائود ڦيرائي ٻڌائيندو هئس تہ يهوداہ جي ڏکڻ يا يرحمئيلين جي ڏکڻ يا قينين جي ڏکڻ ڏانهن.


رڪِل، يرحمئيلين جا شهر، قينين جا شهر،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ