1.سموئيل 15:35 - Muslim Sindhi Bible35 پوءِ سموئيل پنهنجي مرڻ گھڙيءَ تائين وري سائول سان ملڻ نہ ويو، تنهن هوندي بہ سائول لاءِ افسوس ڪندو رهيو. جڏهن تہ سائول کي بني اسرائيل تي بادشاهہ بڻائڻ ۾ خداوند کي رنج پهتو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible35 ۽ سموئيل وري سائول کي ڏسڻ نہ ويو، جيسين ڪ هن جي موت جو ڏينهن نہ آيو: ۽ سموئيل سائول جي لاءِ افسوس ڪيو: ۽ خداوند سائول کي اسرائيل تي بادشاهہ ڪرڻ کان پشيماني ظاهر ڪئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيتلحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“