Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 15:30 - Muslim Sindhi Bible

30 تڏهن سائول چيس تہ ”مون گناهہ ڪيو آهي، پر آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي قوم جي اڳواڻن ۽ بني اسرائيل جي اڳيان منهنجي آبرو رکو. اوهان مون سان گڏجي موٽي هلو تہ آءٌ خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کي سجدو ڪريان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 تڏهن هن چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: انهي هوندي بہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي قوم جي بزرگن جي اڳيان، ۽ اسرائيل جي اڳيان، منهنجي آبرو رک؛ ۽ مون سان گڏجي موٽي هل تہ آءٌ خداوند، تنهنجي خدا کي سجدو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 15:30
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ ”بيشڪ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.“ ناتن دائود کي چيو تہ ”پوءِ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪري ڇڏيو، سو تون مرندين ڪين.


تڏهن فرعون ماڻهو موڪلي موسيٰ ۽ هارون کي گھرايو ۽ چيائين تہ ”هن ڀيري مون برابر گناهہ ڪيو آهي. خداوند حق تي آهي ۽ آءٌ ۽ منهنجي قوم قصوروار آهيون.


پروردگار اوهان بابت فرمائي ٿو تہ ”هي ماڻهو منهنجي عبادت جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن لفظ بي‌معنيٰ ۽ سندن دليون ڪنهن ٻئي طرف آهن. هنن جو دين انهن انساني دستورن، ۽ روايتن کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ناهي، جن کي هو رڳو رواجي طور ياد ڪري ٿا ڇڏين.


لک تہ ’بڇڙا پنهنجي بڇڙائيءَ سبب فنا ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ انهن جون خواهشون سچائيءَ تي ناهن. پر سچار پنهنجي ايمانداريءَ سببان زندہ رهندا.‘“


اهي خدا جي نظر ۾ چڱو ٿيڻ بدران ماڻهن اڳيان عزت حاصل ڪرڻ کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا.


اوهين جيڪي هڪٻئي کان عزت ڪرائڻ گھرو ٿا، پر جيڪا عزت هڪڙي خدا جي طرفان ملي ٿي تنهن جي لاءِ ڪوشش ئي نہ ٿا ڪريو، سي ڪيئن مون کي قبول ڪري سگھو ٿا؟


اهي دينداريءَ جو ظاهري نمونو تہ رکندا، پر انهيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اهڙن ماڻهن کان پاسو ڪجانءِ.


تڏهن سموئيل ساڻس گڏ موٽي جِلجال ڏانهن ويو، جتي سائول خداوند کي سجدو ڪيو.


تڏهن سائول وراڻيو تہ ”مون گناهہ ڪيو آهي. اي منهنجا پٽ دائود! موٽي اچ. آءٌ تو کي اڳتي ڪڏهن بہ ڪو نقصان نہ پهچائيندس، ڇو تہ اڄوڪي ڏينهن تو منهنجي حياتيءَ کي قيمتي سمجھي مون کي جيئدان ڏنو آهي. بيشڪ مون بي‌وقوفيءَ جو ڪم ڪيو آهي ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ