1.سموئيل 15:23 - Muslim Sindhi Bible23 بغاوت ۽ جادوگريءَ جو گناهہ هڪجهڙو ئي آهي، سرڪشي بتن جي پوڄا ڪرڻ برابر آهي. سو جيئن تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي، تنهنڪري هن بہ تنهنجي بادشاهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible23 ڇالاءِ جو نافرماني جادوگريءَ جهڙو ئي گناهہ آهي، ۽ سرڪشي، بت پرستي ۽ خانگي معبود رکڻ جي برابر آهي. تو خداوند جو حڪم رد ڪيو آهي، تنهنڪري هن بہ توکي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صافدليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.
خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيتلحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“
تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بيآبرو ڪيا ويندا.