Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 15:15 - Muslim Sindhi Bible

15 سائول کيس ورندي ڏني تہ ”لشڪر جا ماڻهو اهي عماليقين وٽان ڪاهي آيا آهن. جيڪي تمام چڱيون رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا هئا سي ماڻهن بچائي آندا آهن، انهيءَ لاءِ تہ خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جي اڳيان انهن کي قربان ڪن ۽ باقي ٻيو سڀ ڪجھہ اسان بلڪل چٽ ڪري ڇڏيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ سائول چيو تہ اهي هنن عماليقين مان آندا آهن: ڇالاءِ جو ماڻهن جيڪي تمام چڱيون رڍون، ۽ تمام چڱا ڏاند هئا سي بچائي آندا آهن، انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪن؛ ۽ ٻيو سڀ ڪجهہ اسان اصل چٽ ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 15:15
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا مون ڪڏهن پنهنجو ڪو گناهہ لڪايو آهي، جيئن انسان بڇڙائيءَ کي پنهنجيءَ دل ۾ لڪائي رکڻ لاءِ ڪندا آهن؟


جيڪو پنهنجا گناهہ نہ ٿو باسي، سو زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪامياب نہ ٿيندو. مگر جيڪو پنهنجا گناهہ قبول ڪندي انهن کان توبهہ‌تائب ٿئي ٿو، تنهن تي خدا پنهنجو رحم نازل ڪندو.


پوءِ هن انهن کي هي حڪم ڏيئي بيت‌لحم ڏانهن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏهن اوهين انهيءَ کي لهو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ وڃي کيس سجدو ڪريان.“


پر هن پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کان پڇيو تہ ”منهنجو پاڙيسري ڪير آهي؟“


تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ ”ترس، آءٌ تو کي ٻڌايان تہ رات خداوند مون کي ڇا چيو آهي.“ سائول چيس تہ ”ٻڌايو.“


پر ماڻهن لٽ جي مال مان تمام چڱيون رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا، جيڪي ماري ڇڏڻا هئا، سي رڳو انهيءَ لاءِ بچائي هتي جِلجال ۾ آندا، تہ جيئن انهن کي خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جي آڏو قربان ڪن.“


پر سائول ۽ سندس ماڻهن اجاج کي ۽ تمام چڱين رڍن ٻڪرين، ڍورن ڍڳن، ٿلهن متارن ڇيلن ۽ گھيٽن کي ۽ ٻيو جيڪي چڱو هو تنهن کي ڇڏي ڏنو ۽ انهن کي بلڪل برباد ڪرڻ نہ گھريائون. مگر جيڪا شيءِ بي‌ملهہ ۽ بيڪار هئي، تنهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ