Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 15:14 - Muslim Sindhi Bible

14 سموئيل پڇيس تہ ”پوءِ هي جو منهنجي ڪنن ۾ رڍن ٻڪرين جي ٻيڪڻ ۽ ڍورن ڍڳن جي رنڀڻ جو آواز پيو اچي، انهيءَ جو مطلب ڇا آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ سموئيل چيو تہ هي جو منهنجن ڪنن ۾ رڍن جي ٻيڪڻ جو، ۽ ڏاندن جي رنڀڻ جو آواز ٿو اچي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 15:14
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو اهو سمجھي پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿا ڏين تہ ”اسان جي بدڪاري خدا ڏسي ئي نہ ٿو، سو هو اسان کي انهيءَ جي سزا نہ ڏيندو.“


موسيٰ هارون کي چيو تہ ”هنن ماڻهن تو سان ڇا ڪيو هو جو تو هنن کي اهڙي وڏي گناهہ ۾ ڦاسائي ڇڏيو؟“


هن چيس تہ ’اي بڇڙا نوڪر! تنهنجي ئي واتان آءٌ تو کي ڏوهاري قرار ڏيندس. جڏهن تو کي خبر بہ هئي تہ آءٌ سخت ماڻهو آهيان ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان ۽ جيڪي پوکيو ئي نہ اٿم سو پيو لڻان،


پوءِ هيءَ لکت ڪنهن جي لاءِ آهي؟ اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت ۾ جيڪي بہ فرمايل آهي سو انهن لاءِ فرمايل آهي جيڪي شريعت جا پابند آهن، تہ جيئن سڄي دنيا سان گڏ انهن مان بہ ڪنهن کي بهاني جي ڪا گنجائش نہ رهي، بلڪ سڄي انسانذات خدا آڏو گنهگار قرار ڏني وڃي.


تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.


سائول کيس ورندي ڏني تہ ”لشڪر جا ماڻهو اهي عماليقين وٽان ڪاهي آيا آهن. جيڪي تمام چڱيون رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا هئا سي ماڻهن بچائي آندا آهن، انهيءَ لاءِ تہ خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جي اڳيان انهن کي قربان ڪن ۽ باقي ٻيو سڀ ڪجھہ اسان بلڪل چٽ ڪري ڇڏيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ