Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 15:12 - Muslim Sindhi Bible

12 سائول سان ملڻ جي لاءِ سموئيل صبح جو سوير اٿيو. سموئيل کي خبر پيئي تہ سائول ڪرمل شهر ۾ آيو، جتي هن پنهنجي لاءِ هڪڙو يادگار کڙو ڪيو ۽ پوءِ هو موٽي گشت ڪندو جِلجال ڏانهن هيٺ لهي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ سموئيل سوير اُٿيو تہ صبح جو سائول کي گڏجي؛ ۽ سموئيل کي خبر ملي تہ سائول ڪرمل ۾ آيو آهي، ۽ هن پنهنجي لاءِ هڪڙو يادگار کڙو ڪيو آهي، ۽ گشت ڪري جلجال ڏانهن لنگهي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 15:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ابراهيم هاجرہ جي ڪلهي تي ماني ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هڪ مشڪ رکي کيس ٻار سميت روانو ڪري ڇڏيو. هوءَ اتان هلي ويئي ۽ بيرسبع جي رڻ‌پٽ ۾ رلندي رهي.


ابي‌سلوم پنهنجي جيئري ئي بادشاهن جي ماٿريءَ ۾ پنهنجي لاءِ هڪڙو ٿنڀو اڏيو هو، ڇاڪاڻ تہ هن سوچيو ٿي تہ ”مون کي ڪو پٽ ڪونهي جيڪو منهنجي نالي جي يادگيري قائم رکي.“ سو هن انهيءَ ٿنڀي تي پنهنجو نالو رکيو هو. اهو ٿنڀو اڄ ڏينهن تائين ابي‌سلوم جي يادگار سڏبو آهي.


سو اخي‌اب کائڻ پيئڻ لاءِ اٿيو، پر الياس ڪرمل جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، جتي هو پنهنجي گوڏن ۾ منهن وجھي زمين تي جھڪي ويهي رهيو.


هن چراگاهن ۾ پڻ ٺُلهَہ ٺهرايا ۽ اتي گھڻا ئي کوهہ کوٽايائين، ڇاڪاڻ تہ اولهہ وارن هيٺاهن علائقن ۽ ميدانن ۾ وٽس گھڻو چوپايو مال هو. جيئن تہ هن کي زراعت سان گھڻو چاهہ هو، تنهنڪري جابلو علائقن ۾ توڙي پوکيءَ لائق زمين ۾ انگورن جا باغ لڳائڻ ۽ پوک ڪرڻ تي هن ڪڙمي بيهاريا.


انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: معون، ڪرمل، زيف، يوطہ،


تڏهن مون سوچيو تہ هاڻي فلستي هتي جِلجال ۾ اچي مون تي حملو ڪندا ۽ مون اڃا تائين خداوند جي فضل لاءِ کيس منٿ بہ نہ ڪئي آهي. تنهنڪري مون مجبور ٿي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي.“


پوءِ سموئيل اٿيو ۽ جِلجال مان نڪري بنيامين جي جِبعت شهر ڏانهن ويو. تڏهن سائول پاڻ سان باقي بچيل ماڻهن کي شمار ڪيو تہ اهي اٽڪل ڇهہ سؤ ٿيا.


ٻئي ڏينهن دائود صبح جو سوير اٿيو ۽ رڍون ٻڪريون هڪڙي ڌنار جي حوالي ڪري، يسيءَ جي حڪم موجب اهي سڀ شيون کڻي روانو ٿيو. جنهن مهل هو لشڪر‌گاهہ ۾ پهتو، تنهن مهل فوجون جنگ ڪرڻ لاءِ نعرا هڻنديون وڃي رهيون هيون.


اُتي ڪالب جي گھراڻي جو هڪڙو ماڻهو رهندو هو، جنهن جو نالو نابال هو. نابال کي ڪرمل شهر جي آس‌پاس ۾ گھڻي ملڪيت هئي ۽ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو. کيس ٽي هزار رڍون ۽ هڪ هزار ٻڪريون هيون. نابال جي زال جو نالو ابيجيل هو ۽ هوءَ ڏاڍي سمجھہ واري ۽ خوبصورت عورت هئي. پر سندس مڙس نابال بدمزاج ۽ ڪميڻو هو. نابال جڏهن ڪرمل شهر ۾ پنهنجي رڍن جي اُن پئي ڪتري.


پوءِ سموئيل هڪڙو پٿر کڻي مصفاہ ۽ شين نالي ٽڪريءَ جي وچ ۾ کوڙي ڇڏيو ۽ انهيءَ جو نالو عبن‌عزر رکيائين ۽ چيائين تہ ”هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ