Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 15:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ”سائول کي بادشاهہ بڻائي مون کي افسوس ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان ڦري ويو آهي ۽ منهنجي حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس.“ تنهن تي سموئيل اچي پريشان ٿيو ۽ سڄي رات خداوند جي آڏو ٻاڏائيندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 آءٌ سائول کي بادشاهہ ڪري پشيمان ٿيو آهيان: ڇالاءِ جو هو منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦريو آهي، ۽ منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس، تنهن تي سموئيل ڪاوڙيو؛ ۽ سڄي رات خداوند جي اڳيان دعا ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 15:11
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند کي ڌرتيءَ تي انسان جي پيدا ڪرڻ جو افسوس ٿيو ۽ دل ۾ ڏک ٿيس.


سو خداوند چيو تہ ”جنهن انسان کي مون پيدا ڪيو آهي تنهن کي ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندس، جانورن، سرندڙ جيتن توڙي پکين سميت، ڇاڪاڻ تہ کين پيدا ڪرڻ کان مون کي ڏک ٿيو آهي.“


پر ملائڪ جڏهن يروشلم جي تباهيءَ لاءِ ان ڏانهن پنهنجو هٿ ڊگھيريو، تڏهن خداوند کي انهن جي مصيبت تي ترس اچي ويو. سو جنهن ملائڪ ماڻهن کي ماريو پئي تنهن کي چيائين تہ ”بس، هاڻي پنهنجو هٿ جھل.“ ان وقت خداوند جو ملائڪ اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ بيٺو هو.


تڏهن خداوند سليمان تي ڪاوڙيو، ڇاڪاڻ تہ سندس دل خداوند، بني اسرائيل جي خدا کان ڦري ويئي هئي، جنهن ٻہ ڀيرا کيس ڏيکاري ڏني هئي.


سائول جو موت انهيءَ ڪري ٿيو جو هو خدا جو نافرمان هو. هو خداوند جي حڪمن تي پوريءَ طرح نہ هليو ۽ ڀوپن جي وسيلي مئلن جي روحن کان صلاح مشورو ورتائين،


خدا هڪڙي ملائڪ کي موڪليو تہ يروشلم کي تباهہ ڪري. هو اڃا تباهہ ڪري ئي رهيو هو تہ خداوند کي ترس اچي ويو سو انهيءَ ملائڪ کي چيائين تہ ”بس، هاڻي پنهنجو هٿ جھل.“ تنهن وقت خداوند جو ملائڪ اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ جي پاسي ۾ بيٺو هو.


انهيءَ سبب جو هنن کانئس منهن موڙي ڇڏيو، ۽ سندس حڪمن جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪيائون.


هو منهنجي پيار جي عيوض ۾ مون تي تهمتون ٿا هڻن، توڙي جو آءٌ هنن جي لاءِ دعائون گھرندو ٿي رهيس.


خداوند قسم کڻي تو سان واعدو ڪيو آهي، جيڪو هو ڪڏهن نہ ٽوڙيندو تہ ”تون ملڪصدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن ٿيندين.“


منهنجي اکين مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو تنهنجي شريعت تي عمل نہ ٿا ڪن.


پر جيڪي پنهنجين ڏنگين واٽن ڏانهن ڦري وڃن ٿا، تن کي تون بدڪارن سان گڏ سزا ڏي! شال بني اسرائيل ۾ سلامتي ۽ خوشحالي هجي!


انهن جي وات ۾ بڇڙائيءَ ۽ دغا جون ڳالهيون آهن. هنن ڏاهپ ۽ نيڪيءَ کي بلڪل ئي ڇڏي ڏنو آهي.


بني اسرائيل بار بار پنهنجي خدا کي پئي آزمايو آهي، هائو، هنن پنهنجي پاڪ معبود کي رنج پئي ڪيو آهي.


بلڪ پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر هو ڦِري بي‌وفا ٿيا. هائو، اڻ‌سڌي تير جيان اهي دوکو ڏيندڙ هٽي ٻئي پاسي ٿيا.


تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! تون ڇو پنهنجي انهيءَ قوم سان ايتري ڪاوڙ ٿو ڪرين، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ طاقت سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي؟


تڏهن خداوند پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ کان باز آيو، جنهن جو ارادو ڪيو هئائين.


هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن ڏانهن موٽي ويا آهن، جن منهنجي ڳالهين کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. اهي غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄاري بڻيا. اسرائيل ۽ يهوداہ ٻنهي ملڪن جي گھراڻن منهنجو اهو عهد ٽوڙيو آهي، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو.


پر جيڪڏهن اوهين نہ ٻڌندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان جي مغروريءَ جي ڪري لڪي لڪي روئندس. هائو، ان وقت منهنجيون اکيون زار وَ قطار روئنديون ۽ ڳوڙها ڳاڙينديون، جڏهن خداوند جي پياري قوم قيد ڪئي ويندي.


پر هاڻ اوهين وري ڦري ويا آهيو ۽ منهنجي نالي جي بي‌ادبي ڪئي اٿوَ. اوهان مان هر ڪنهن پنهنجي آزاد ڪيل ٻانهي ۽ ٻانهيءَ کي وري موٽائي آندو آهي. سو جيڪي ٻانها ۽ ٻانهيون پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ ٿيڻ لاءِ آزاد ٿيا هئا تن کي اوهان وري غلام بڻجڻ تي مجبور ڪيو آهي.


ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.


ماڻهن وراڻيو تہ ”بيشڪ اهي جلدي اچن ۽ اچي اسان تي ويڻ ڪن، تان جو اسان جون اکيون ڳوڙهن سان اٿلي پون ۽ اسان جي پنبڻين مان نير جاري ٿين.


پر جيڪڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو ۽ اُهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪري ٿو جيڪي بدڪار ماڻهو ڪندا آهن، تڏهن ڇا اهو جيئرو رهندو؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ هن جيڪي بہ سچائيءَ جا ڪم ڪيا هوندا سي وساريا ويندا. هو پنهنجي نافرمانيءَ ۽ ڪيل گناهن جي ڪري ضرور لوڙيندو.


تڏهن خداوند پنهنجو ارادو بدلايو ۽ فرمايائين تہ ”چڱو ڀلا، ائين نہ ٿيندو.“


جڏهن خدا ڏٺو تہ هو پنهنجي بڇڙائيءَ واري هلت چلت کان توبهہ‌تائب ٿي ويا آهن، تڏهن خدا پنهنجو ارادو بدلايو ۽ انهن سان ائين ڪونہ ڪيائين جيئن چيو هئائين.


هن خداوند کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! ڇا مون ان وقت ائين ئي نہ چيو هو جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هئس؟ اهو ئي سبب هو جو آءٌ جلدي ترسيس ڏانهن ڀڄي ويو هئس، ڇاڪاڻ تہ مون ڄاتو ٿي تہ تون رحيم ۽ مهربان آهين. تون ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهين. تون پنهنجي غضب نازل ڪرڻ کان باز اچڻ وارو آهين.


آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي مون خداوند کي پٺ ٿا ڏين. اُهي نہ تہ منهنجا طالبو آهن، ۽ نہ وري مون کان ڪا مدد ئي گھرن ٿا.“


پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان بہ پيار ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو،


هڪڙي ڏينهن عيسيٰ جبل تي دعا گھرڻ ويو ۽ اتي سڄي رات خدا کان دعا گھرڻ ۾ گذاريائين.


ان وقت جيڪو منهنجو سچار ماڻهو هوندو، سو ايمان جي وسيلي جيئرو رهندو، پر جيڪڏهن ڪو پوئتي هٽندو، تہ آءٌ هن کان خوش نہ ٿيندس.“


هنن خداوند جي سڄي قوم پاران کين اچي چيو تہ ”اوهان بني اسرائيل جي خدا جي خلاف هي ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ اڄ ڪيئن اوهان خداوند جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان منهن موڙيو آهي جو خداوند کان باغي ٿي پنهنجي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي اٿوَ؟


باقي رهيس آءٌ، سو خدا شل ائين نہ ڪري جو اوهان جي حق ۾ دعا گھُرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گنهگار ٿيان، بلڪ آءٌ اوهان کي چڱي ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.


سموئيل سائول کي چيو تہ ”تو بي‌وقوفيءَ وارو ڪم ڪيو آهي. جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوريءَ طرح عمل ڪرين ها تہ اڄ خداوند تنهنجي بادشاهي بني اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ قائم ڪري ڇڏي ها.


تڏهن خداوند سموئيل سان ڳالهائيندي کيس فرمايو تہ


سو هاڻي تون وڃي عماليقين تي حملو ڪري کين ماري ڇڏ ۽ جيڪي بہ وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر ۽ اصل نہ ڇڏين. سندن مردن، عورتن، ٻارن ۽ کير پياڪن سان گڏ سندن سڀني ڍورن ڍڳن کي قتل ڪري ڇڏ.‘“


پوءِ سموئيل پنهنجي مرڻ گھڙيءَ تائين وري سائول سان ملڻ نہ ويو، تنهن هوندي بہ سائول لاءِ افسوس ڪندو رهيو. جڏهن تہ سائول کي بني اسرائيل تي بادشاهہ بڻائڻ ۾ خداوند کي رنج پهتو هو.


پر سائول ۽ سندس ماڻهن اجاج کي ۽ تمام چڱين رڍن ٻڪرين، ڍورن ڍڳن، ٿلهن متارن ڇيلن ۽ گھيٽن کي ۽ ٻيو جيڪي چڱو هو تنهن کي ڇڏي ڏنو ۽ انهن کي بلڪل برباد ڪرڻ نہ گھريائون. مگر جيڪا شيءِ بي‌ملهہ ۽ بيڪار هئي، تنهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيائون.


خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيت‌لحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


پر هنن جي انهيءَ ڳالهہ سموئيل کي رنج پهچايو جڏهن هنن چيو تہ ”اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر تہ اهو اسان جي اڳواڻي ڪري.“ تڏهن سموئيل خداوند کان دعا گھري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ