Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:7 - Muslim Sindhi Bible

7 سندس هٿياربردار وراڻيس تہ ”جيئن تنهنجي دل چاهي تيئن ڪر. ڀلي اڳتي هل، آءٌ دل وَ جان سان تو سان گڏ آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ هن جي زرهہ بردار کيس چيو تہ جيئن تنهنجي دل چوي تيئن ڪر؛ ڦري هل، ڏس آءٌ تنهنجي مرضيءَ موجب توسان آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:7
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ جي عملدارن کيس چيو تہ ”اسان جي آقا بادشاهہ جيڪي فرمايو آهي سو ڪرڻ لاءِ اوهان جا ٻانها تيار آهن.“


تنهن تي ناتن نبيءَ بادشاهہ کي وراڻيو تہ ”ڀلي جيڪي توهان جيءَ دل ۾ آهي سو وڃي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند توهان سان گڏ آهي.“


قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


انهن ڏينهن ۾ مختلف قومن توڙي ٻولين وارا ڏهہ ماڻهو اچي هڪڙي يهوداہ واري جو دامن پڪڙي کيس چوندا تہ ’اسين تو ساڻ آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻڌو آهي تہ خدا تو سان گڏ آهي.‘“


تنهن تي هن جلدي پنهنجي هٿياربردار جوان کي سڏي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي مار، تہ جيئن منهنجي باري ۾ ائين چوڻ ۾ نہ اچي تہ ’هڪڙي عورت هن کي ماري وڌو.‘“ سو سندس هٿياربردار تلوار منجھس ٽُنبي ڏني ۽ هو مري ويو.


جڏهن اهي نشانيون تو تي اچن، تڏهن جيئن انهيءَ وقت تو کي مناسب لڳي تيئن ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ خداوند تو سان گڏ آهي.


يونتن پنهنجي هٿياربردار جوان کي وري چيو تہ ”اچ تہ هنن اڻ‌طهريلن جي پهريدارن ڏانهن هلون. من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري، ڇاڪاڻ تہ ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گھڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي.“


تڏهن يونتن چيس تہ ”چڱو، هاڻي اسين هن پار هلون تہ جيئن هو اسان کي ڏسن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ