Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:52 - Muslim Sindhi Bible

52 سائول جي سڄي عمر فلستين سان سخت جنگيون ڪندي گذري. هو جڏهن بہ ڪنهن زورآور يا بهادر شخص کي ڏسندو هو تہ انهيءَ کي آڻي پاڻ وٽ مقرر ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

52 ۽ سائول جي سڀني ڏينهن ۾ فلستين سان سخت جنگ لڳي آئي: ۽ جڏهن سائول ڪو زور وارو ماڻهو يا بهادر شخص ڏسندو هو تہ انهي کي آڻي پاڻ وٽ رکندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:52
4 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فلستي بہ بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. انهن ۾ ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ڇهہ هزار گھوڙي سوار ۽ ايترا تہ بي‌شمار ماڻهو هئا جيترا سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جا ذرڙا. انهن بيت‌آون جي اوڀر طرف مڪماس وٽ اچي پنهنجا خيما کوڙيا.


جڏهن کان سائول بني اسرائيل مٿان پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي، تڏهن کان هو پنهنجي آس‌پاس وارن سڀني دشمنن يعني موآبين، عمونين، ادومين، ضوباہ جي بادشاهن ۽ فلستين سان جنگ ڪندو رهيو. هن جنهن پاسي منهن ٿي ڪيو، تنهن پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين.


جڏهن سموئيل پوڙهو ٿي ويو تڏهن هن پنهنجي پٽن کي بني اسرائيل لاءِ جج طور مقرر ڪيو.


هن کين ٻڌايو تہ ”جيڪو بادشاهہ اوهان تي حڪمراني ڪندو، سو هن قسم جو هوندو جو هو اوهان جي اولاد مان ڪن کي پنهنجي لشڪر جي جنگي گھوڙي گاڏين لاءِ، ڪن کي گھوڙن لاءِ نوڪر ڪري رکندو ۽ ڪي سندس گھوڙي گاڏين جي اڳيان ڊوڙندا هلندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ