سائول بني اسرائيل مان ٽي هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ چونڊيا، جن مان ٻہ هزار ماڻهو مڪماس ۽ بيتايل جي جابلو علائقي ۾ ساڻس گڏ هئا ۽ هڪ هزار ماڻهو سندس پٽ يونتن سان گڏ بنيامين قبيلي جي علائقي ۾ جِبعت شهر ۾ هئا. باقي ٻين ماڻهن کي هن پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موڪلي ڇڏيو.
يونتن پنهنجي هٿياربردار جوان کي وري چيو تہ ”اچ تہ هنن اڻطهريلن جي پهريدارن ڏانهن هلون. من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري، ڇاڪاڻ تہ ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گھڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي.“