Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:47 - Muslim Sindhi Bible

47 جڏهن کان سائول بني اسرائيل مٿان پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي، تڏهن کان هو پنهنجي آس‌پاس وارن سڀني دشمنن يعني موآبين، عمونين، ادومين، ضوباہ جي بادشاهن ۽ فلستين سان جنگ ڪندو رهيو. هن جنهن پاسي منهن ٿي ڪيو، تنهن پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

47 هاڻي جڏهن سائول کي اسرائيل تي بادشاهي ملي تڏهن هو هر طرف پنهنجن سڀني دشمنن سان وڙهيو، يعني موآب سان، بني عمون سان، ادوم سان، ۽ ضوباہ جي بادشاهن سان، ۽ فلستين سان: ۽ جنهن پاسي هن منهن ٿي ڪيو، انهي پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:47
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ وڏيءَ کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو موآب رکيائين. اڄڪلهہ جا جيڪي موآبي آهن هو انهن جو وڏو آهي.


ننڍيءَ کي بہ پٽ ڄائو جنهن جو نالو بن‌عمي رکيائين. اڄڪلهہ جا جيڪي بني عمون آهن، هو انهن جو وڏو آهي.


عيسو جنهن کي ادوم بہ چيو ويندو آهي تنهن جو اولاد هي آهي.


عيسو جنهن کي ادوم بہ سڏجي ٿو تنهن جو اولاد ۽ سندن نالن پٺيان قبيلا اهي ئي آهن.


انهيءَ ڪري عيسو، جنهن کي ادوم بہ سڏجي ٿو سو وڃي سعير جي جابلو علائقي ۾ رهڻ لڳو.


ڪڏهن تہ يونتن جي ڪمان مان نڪتل تير ۽ سائول جي تلوار زورآور دشمنن جي رت ۽ چرٻيءَ کان سواءِ خالي نہ ٿي موٽيا.


جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود سان سندن دشمني ٿي پيئي آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي بيت‌رحوب جي ارامين ۽ ضوباہ جي ارامين مان ويهہ هزار پيادن کي، معڪہ جي بادشاهہ کي هڪ هزار سپاهين سميت ۽ طوب جي ٻارهن هزار ماڻهن کي، ڪرائي تي گھرائي ورتو.


دائود سڄي بني اسرائيل تي بادشاهي ڪئي. هو پنهنجي سڄي رعيت سان عدل ۽ انصاف ڪندو هو.


دائود، ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر ولد رحوب کي بہ ان وقت شڪست ڏني، جڏهن هددعزر فرات نديءَ واري ملڪ کي موٽائي هٿ ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو.


خدا سليمان جي خلاف هڪڙو ٻيو دشمن کڙو ڪيو، جنهن جو نالو رزون ولد اليدع هو. هو پنهنجي مالڪ هدد عزر جيڪو ضوباہ ملڪ جو بادشاهہ هو تنهن کان ڀڄي نڪتو هو.


جيئن تہ خداوند نہ ٿي چاهيو تہ اسرائيل وارا مڪمل طرح تباهہ ٿي وڃن، تنهنڪري هن انهن کي يربعام ثانيءَ جي وسيلي بچايو.


هاڻي ڏسو، اوهان کي بادشاهہ آهي جيڪو اوهان جي اڳواڻي ڪندو. آءٌ پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ منهنجو مٿو بہ اڇو ٿي ويو آهي. پر منهنجا پٽ اوهان سان گڏ آهن. مون ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اوهان جي اڳواڻي پئي ڪئي آهي.


سائول ٽيهن سالن جي عمر ۾ بادشاهہ مقرر ٿيو ۽ هن ٻائيتاليهن سالن تائين بني اسرائيل تي حڪومت ڪئي.


انهيءَ کان پوءِ سائول فلستين جو پيڇو ڪرڻ کان بس ڪري موٽيو ۽ فلستي بہ پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويا.


سائول جي سڄي عمر فلستين سان سخت جنگيون ڪندي گذري. هو جڏهن بہ ڪنهن زورآور يا بهادر شخص کي ڏسندو هو تہ انهيءَ کي آڻي پاڻ وٽ مقرر ڪندو هو.


ان ڏينهن سائول جي نوڪرن مان هڪڙو اتي خداوند جي عبادت‌گاهہ وٽ ترسيل هو، جنهن جو نالو دوئيگ ادومي هو. هو سائول جي ڌنارن جو وڏو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ