Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:44 - Muslim Sindhi Bible

44 سائول چيو تہ ”اي يونتن! جيڪڏهن تون ماريو نہ وڃين تہ شل خدا مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

44 تڏهن سائول چيو تہ خدا شل ائين ڪري، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ: ڇالاءِ جو اي يونتن، تون ضرور مرندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:44
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ يهوداہ کي ٻڌايو تہ ”تنهنجي نُنهن تمر ڪسبياڻيءَ وارو ڪم ڪيو آهي ۽ پيٽ ٿي پيو اٿس.“ تڏهن يهوداہ چيو تہ ”ٻاهر وٺي اچوس تہ کيس ساڙيو وڃي.“


هن شهر جي ماڻهن کي ٻاهر وٺي وڃي ڪرٽن، لوهي ڏاندارين ۽ ڪهاڙن جي ڪم تي لڳايو ۽ بٺن ۾ سرن ٺاهڻ جي بيگر ۾ هنيو. هن بني عمون جي سڀني شهرن جو اهو ئي حال ڪيو. پوءِ دائود ۽ سندس سڀيئي ماڻهو يروشلم ۾ موٽي آيا.


تڏهن دائود کي انهيءَ شاهوڪار ماڻهوءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. سو هن ناتن کي چيو تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ جنهن ماڻهوءَ اهڙو ڪم ڪيو آهي، سو موت جي سزا جي لائق آهي.


دائود هنن جي هٿان عماسا کي بہ چوائي موڪليو تہ ”تون منهنجو هڏ رت ناهين ڇا؟ سو هاڻي کان آءٌ پنهنجي اڳيان تو کي يوآب جي بدران هميشہ جي لاءِ فوج جو سپهہ‌سالار بڻايان ٿو. جيڪڏهن آءٌ ائين نہ ڪريان تہ شل خدا مون سان ائين ئي بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪري.“


خداوند دائود سان قسم کڻي واعدو ڪيو آهي تہ هو سائول جي گھراڻي کان بادشاهت کسي اسرائيل ۽ يهوداہ مٿان دائود کي بادشاهہ بڻائيندو. اتر ۾ دان کان وٺي ڏکڻ ۾ بيرسبع تائين سندس بادشاهت هوندي. هاڻي جيڪڏهن آءٌ ابنير انهيءَ ڳالهہ کي سچ نہ ڪري ڏيکاريان تہ خدا شل مون کي ماري ختم ڪري ڇڏي.“


جيڪڏهن اوهان کي ماکي ملي وڃي تہ ايتري کائو جيتري اوهان کي ضرورت آهي، متان حد کان وڌيڪ کائو ۽ پوءِ الٽي ڪري ڪڍو.


جڏهن هن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائينس تہ ”هاءِ! اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ڏکائي وڌو، ٻين وانگر تون تہ مون کي ڏک نہ ڏئين ها. مون خداوند کي پنهنجي زبان ڏني آهي، جنهن کان آءٌ ڦري نہ ٿو سگھان.“


جتي تون مرندينءَ آءٌ بہ اتي ئي مرنديس، جتي تون دفن ٿيندينءَ آءٌ بہ اتي ئي دفن ٿينديس. جيڪڏهن موت کان سواءِ آءٌ تو کان جدا ٿيان، تہ خداوند مون کي ان جي سزا ڏئي بلڪ ان کان بہ وڌيڪ.“


مون کي انهيءَ جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن بني اسرائيل کي بچايو آهي، تہ جيڪڏهن اهو گناهہ منهنجي پٽ يونتن بہ ڪيو هوندو تہ اهو ضرور ماريو ويندو.“ پر ماڻهن مان ڪنهن بہ هن کي ورندي ڪانہ ڏني.


صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين آءٌ هن جا سڀيئي ماڻهو ماري ڇڏيندس ۽ ڪو هڪڙو ڇوڪرو بہ جيئرو نہ ڇڏيندس. جيڪڏهن آءٌ ائين نہ ڪريان تہ شل خدا مون سان ائين ئي بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪري.“


عيليءَ پڇيس تہ ”اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جا خداوند تو کي ٻڌائي آهي؟ ڀلائي ڪري اها مون کان نہ لڪاءِ. جيڪڏهن خدا جي چيل انهن سڀني ڳالهين مان ڪابہ مون کان لڪائيندين تہ خدا شل تو سان سختيءَ وارو سلوڪ ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ