Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:40 - Muslim Sindhi Bible

40 تڏهن سائول بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين هڪڙي پاسي ٿي بيهو ۽ آءٌ ۽ منهنجو پٽ يونتن ٻئي پاسي ٿي بيهنداسين.“ ماڻهن کيس ورندي ڏيئي چيو تہ ”جيئن اوهين مناسب سمجھو تيئن ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 تڏهن هن سڀني اسرائيلين کي چيو تہ اوهين هڪ پاسي ۽ آءٌ ۽ منهنجو پٽ يونتن ٻئي پاسي ٿينداسين. تڏهن ماڻهن سائول کي چيو تہ جيئن توکي چڱو ڏسڻ ۾ اچي تيئن ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:40
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ جي عملدارن کيس چيو تہ ”اسان جي آقا بادشاهہ جيڪي فرمايو آهي سو ڪرڻ لاءِ اوهان جا ٻانها تيار آهن.“


سندس مڙس القانہ چيس تہ ”ٺيڪ آهي. جيئن تون مناسب سمجھين تيئن ڪر. ڀلي ٻار جي ٿڃ ڇڏائڻ تائين تون گھر ۾ ترس. شل خداوند پنهنجو سخن پورو ڪري.“ سو حنہ گھر ۾ ترسي پيئي ۽ ٿڃ ڇڏائڻ تائين ٻار جي پالنا ڪندي رهي.


پوءِ سائول پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”هلو تہ رات جو فلستين تي حملو ڪريون ۽ صبح جو سوجھري ٿيڻ تائين کين ڦريون لٽيون ۽ انهن مان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيون.“ هنن وراڻي ڏنس تہ ”جيئن اوهين مناسب سمجھو تيئن ڪريو.“ پر ڪاهن چيو تہ ”اچو تہ پهريائين خدا سان صلاح مصلحت ڪريون.“


مون کي انهيءَ جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن بني اسرائيل کي بچايو آهي، تہ جيڪڏهن اهو گناهہ منهنجي پٽ يونتن بہ ڪيو هوندو تہ اهو ضرور ماريو ويندو.“ پر ماڻهن مان ڪنهن بہ هن کي ورندي ڪانہ ڏني.


پوءِ سائول خداوند کان دعا گھري تہ ”اي بني اسرائيل جا خدا! تو اڄ پنهنجي ٻانهي کي ورندي ڇو نہ ڏني؟ اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! مون کي اڄ ٻڌاءِ تہ حقيقت ڇا آهي.“ تڏهن ڪُڻي وجھڻ سان يونتن ۽ سائول جا نالا نڪتا ۽ ٻيو ڪوبہ ماڻهو ڏوهاري ثابت نہ ٿيو.


سندس هٿياربردار وراڻيس تہ ”جيئن تنهنجي دل چاهي تيئن ڪر. ڀلي اڳتي هل، آءٌ دل وَ جان سان تو سان گڏ آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ