Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:38 - Muslim Sindhi Bible

38 تڏهن سائول چيو تہ ”اي فوج جا سالارؤ! اوهين سڀيئي هتي ويجھا ٿيو ۽ جاچ ڪري ڏسو تہ اڄوڪي ڏينهن ڪهڙو گناهہ ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 ۽ سائول چيو تہ اي سردارو، اوهين سڀ رڙهي هتي ويجها اچو: ۽ ڄاڻو ۽ ڏسو تہ اڄوڪي ڏينهن ڪهڙي ڳالهہ ۾ اهو گناهہ ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:38
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر انهن چيس تہ ”اوهان اسان سان گڏ نہ هلو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين ڀڄي نڪتاسين تہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا، يا جيڪڏهن اسان مان اڌ جيترا کڻي مئا تہ بہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا. پر اوهين اسان جهڙن ڏهن هزارن جي مٽ آهيو. تنهنڪري هاڻي بهتر ائين آهي تہ اوهين شهر ۾ ئي رهو ۽ اتان اسان ڏانهن مدد موڪلجو.“


جيئن تہ دنيا جا سڀيئي حاڪم خدا جا آهن، سو قومن جا سمورا سردار اچي گڏ ٿيا آهن، تان‌تہ هو ابراهيم جي خدا جي قوم سان گڏ ٿين. بيشڪ خدا ئي دنيا جي سڀني حاڪمن جو حاڪمِ اعليٰ آهي.


انهن منجھان ئي سندن حاڪم بڻايا ويندا، جيڪي بنياد جي پٿر، تنبوءَ جي ڪليءَ، ۽ جنگي تيرڪمان مثل هوندا.


آءٌ جھاتي پائي ڏسان ٿو تہ ايندڙ وقت ۾ بني اسرائيل ۾ هڪڙو بادشاهہ کڙو ٿيندو. هائو، بني يعقوب مان اهو هڪ تاري وانگر نڪري نروار ٿيندو. اهو اوهان موآبين کي چئني طرفن کان نپوڙيندو، ۽ سڀني فسادين کي برباد ڪري ڇڏيندو.


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ ڪڏهن اهو نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي. اهو خداوند جي طرفان ڪيو ويو آهي، اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“


اوهين ڄڻ تہ هڪ عمارت آهيو جيڪا رسولن ۽ خدا جي ٻين پيغام ڏيندڙن جي انهيءَ بنياد تي اڏيل آهي، جنهن جي پيڙهہ جو پٿر خود عيسيٰ مسيح آهي.


بني اسرائيل گناهہ ڪيو آهي. جنهن عهد تي قائم رهڻ جو مون کين حڪم ڏنو هو سو هنن ٽوڙي مخصوص شين مان ڪجھہ شيون کنيون آهن، يعني هنن چوري ڪئي آهي. انهن اهي شيون کڻي پنهنجي سامان سان گڏايون آهن ۽ انهيءَ ڳالهہ تي پردو بہ وڌو اٿن.


انهيءَ ڪري ئي بني اسرائيل پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ ٿا سگھن. هو انهن کي پٺي ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ کي تباهيءَ جي لائق بڻايو آهي. هاڻ جيستائين اوهين پاڻ منجھان انهن مخصوص شين کي ناس نہ ڪندا جيڪي ناس ڪرڻيون آهن، تيستائين آءٌ اوهان سان نہ هوندس.


خدا جي قوم بني اسرائيل جا اڳواڻ ۽ سڀني قبيلن جا ماڻهو هن گڏجاڻيءَ ۾ موجود هئا، جيڪي چار لک پيادا تلوار بردار جنگي مرد هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ