Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:37 - Muslim Sindhi Bible

37 تڏهن سائول خدا کان صلاح پڇي تہ ”آءٌ فلستين جي پٺيان وڃان يا نہ؟ تون هنن کي بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندين يا نہ؟“ پر خدا انهيءَ ڏينهن کيس ڪا ورندي نہ ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 ۽ سائول خدا کان صلاح پڇي تہ آءٌ فلستين جي پٺيان وڃان يا نہ؟ تون هنن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندين يا نہ؟ پر هن کيس ورندي نہ ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:37
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ فلستين تي چڙهائي ڪريان؟ ڇا تون انهن کي منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندين؟“ خداوند دائود کي وراڻيو تہ ”ڀلي چڙهائي ڪري وڃ. آءٌ فلستين کي ضرور تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس.“


سو جڏهن دائود خداوند کان پڇا ڪئي، تہ انهيءَ کيس وراڻيو تہ ”تون مٿن هتان چڙهائي نہ ڪر، بلڪ سندن پٺيان گھيرو ڪري توتن جي وڻن جي سامهون اچي مٿن حملو ڪر.


جڏهن هو اخي‌اب وٽ آيو تڏهن هن کانئس پڇيو تہ ”اي ميڪاياہ! اسين رامات شهر تي ڪاهہ ڪريون يا نہ؟“ هن وراڻيو تہ ”ها، ڇو نہ، ڀلي وڃ ۽ ماڻ ڪاميابي. خداوند تو کي سوڀ ڏيندو.“


پر اچو تہ اڳ ۾ خداوند جي مرضي معلوم ڪريون.“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي اڳواڻن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ ’اوهين جيڪي منهنجي مرضي معلوم ڪرڻ آيا آهيو، سي ياد رکو تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين منهنجي اڳيان ڪڇي نہ سگھندا.‘


يشوع جي وفات کان پوءِ بني اسرائيل قوم خداوند کان پڇيو تہ ”اسان جي قبيلن مان ڪير پهريائين اڳتي وڌي ڪنعانين تي حملو ڪري؟“


پوءِ بني اسرائيل بيت‌ايل شهر ۾ مقدس هنڌ تي ويا ۽ خدا کان ڪڻا وجھي صلاح پڇيائون تہ ”بني بنيامين سان وڙهڻ لاءِ اسان مان پهريائين ڪير چڙهائي ڪري؟“ خداوند چيو تہ ”يهوداہ قبيلو پهريائين وڃي.“


سو خداوند کان وري پڇيو ويو تہ ”ڇا اهو ماڻهو اڃا هتي نہ آهي؟“ تڏهن خداوند جي طرفان ورندي ڏني ويئي تہ ”ڏسو، هو سامان جي وچ ۾ لڪو ويٺو آهي.“


تڏهن دائود خداوند کان پڇيو تہ ”آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟“ خداوند وراڻيس تہ ”وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار ۽ قعيلہ شهر کي بچاءِ.“


تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، تنهن تي خداوند وراڻي ڏنس تہ ”اُٿ، قعيلہ شهر ڏانهن لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي فلستين مٿان فتح ڏيندس.“


سو هن خداوند کان پڇيو، پر خداوند کيس ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي ۽ نہ ئي نبين جي وسيلي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ