Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:35 - Muslim Sindhi Bible

35 سائول خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺهرائي. اها ئي پهرين قربان‌گاهہ هئي، جيڪا هن خداوند جي لاءِ ٺهرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 ۽ سائول خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي: اها پهرئين قربانگاهہ هئي جا هن خداوند جي لاءِ جوڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:35
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دائود اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙائي ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ملڪ جي لاءِ دعا ٻڌي ۽ بني اسرائيل قوم تان اها وبا ٽري ويئي.


اسرائيل ۽ يهوداہ وارن پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي، انهيءَ بجاءِ هنن ڪيترائي ڪوٽن وارا شهر ۽ محلات بڻائي ڇڏيا آهن، پر آءٌ باهہ موڪلي سندن انهن شهرن ۽ محلاتن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندس.“


اهي دينداريءَ جو ظاهري نمونو تہ رکندا، پر انهيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اهڙن ماڻهن کان پاسو ڪجانءِ.


خدا جي ويجھو وڃو تہ هو اوهان جي ويجھو ايندو. اي گنهگارؤ! پنهنجا هٿ صاف ڪريو. اي ٻِہ‌دليؤ! پنهنجين دلين کي مخصوص ۽ پاڪ ڪريو.


ٻئي ڏينهن ماڻهو صبح جو سوير اٿيا ۽ اُتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهيائون ۽ انهيءَ تي ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيائون.


تڏهن جِدعون اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ‌سلوم رکيائين. اها اڄ ڏينهن تائين ابيعزر واري گھراڻي جي ڳوٺ عفرہ ۾ موجود آهي.


سائول وڌيڪ چين تہ ”اوهين ماڻهن منجھہ ڦهلجي وڃو ۽ کين چئو تہ هر ڪو ماڻهو پنهنجو پنهنجو ڍور هتي مون وٽ آڻي ۽ هن پٿر تي ئي ڪهي کائي. پر انهن جو گوشت رت سميت کائي خداوند جو گناهہ نہ ڪن.“ سو سڀني ماڻهن ائين ئي ڪيو ۽ انهيءَ رات پنهنجو پنهنجو ڍور آڻي اتي ئي ذبح ڪيو.


پوءِ سموئيل هڪڙو پٿر کڻي مصفاہ ۽ شين نالي ٽڪريءَ جي وچ ۾ کوڙي ڇڏيو ۽ انهيءَ جو نالو عبن‌عزر رکيائين ۽ چيائين تہ ”هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي.“


پوءِ هو رامہ شهر ۾ موٽي ايندو هو، ڇاڪاڻ تہ سندس گھر اُتي هو. اتي پڻ هو بني اسرائيل ۾ عدالت ڪندو هو ۽ اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙيائين.


تڏهن سموئيل هڪڙو کير پياڪ گھيٽو وٺي اهو سڄو سارو بني اسرائيل جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ طور قربان ڪيو ۽ بني اسرائيل جي لاءِ دعا گھريائين. خداوند هن جي دعا قبول ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ