Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:28 - Muslim Sindhi Bible

28 تڏهن انهن ماڻهن مان هڪڙي ٻڌايس تہ ”تنهنجي پيءُ ماڻهن کي سخت قسم ڏيئي چيو هو تہ ’جيڪو اڄ ڪجھہ بہ کائيندو، سو لعنتي ٿيندو.‘ اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو سخت ماندا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 تڏهن ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏئي چيو تہ تنهنجي پيءُ ماڻهن کي سخت قسم ڏنو هو ۽ چيو هئائين تہ جيڪو اڄ ڪجهہ بہ کائيندو تنهن تي لعنت هجي؛ ۽ ماڻهو ٿڪل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:28
4 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سائول جي لشڪر ۾ اٽڪل ڏهہ هزار ماڻهو گڏ ٿي ويا. جڏهن جنگ افرائيم جي جابلو علائقي ۾ هر شهر تائين پکڙجي ويئي، تڏهن سائول هڪڙي وڏي غلطي ڪئي جو ماڻهن کي قسم ڏيئي چيائين تہ ”جيستائين شام نہ ٿئي ۽ آءٌ پنهنجي دشمنن کان وير نہ وٺان، تيستائين جيڪو کاڌو کائيندو سو لعنتي ٿيندو.“ تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ ڪا شيءِ چکي بہ ڪونہ.


پر يونتن اهو ڪونہ ٻڌو هو تہ پڻس ماڻهن کي قسم ڏنو آهي. سو هن پنهنجي هٿ واريءَ لٺ جو ڇيڙو ماکيءَ جي ماناري ۾ ٽُنبي، انهيءَ مان ڪجھہ ماکي کاڌي تہ سندس اکيون کلڻ لڳيون.


تڏهن يونتن کين وراڻيو تہ ”بابي ماڻهن کي تڪليف ۾ وڌو آهي. ڏسو تہ ٿوري ماکي چکڻ سان منهنجيون اکيون ڪيئن نہ کُلي پيون آهن.


تنهن تي سائول يونتن کي چيو تہ ”مون کي ٻڌاءِ تہ تو ڇا ڪيو آهي؟“ يونتن کيس ٻڌايو تہ ”جيڪا لٺ منهنجي هٿ ۾ هئي، تنهن جي ڇيڙي سان مون بيشڪ ماکيءَ جو ذرو چکيو هو. سو هاڻي آءٌ مرڻ جي لاءِ تيار آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ