Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:27 - Muslim Sindhi Bible

27 پر يونتن اهو ڪونہ ٻڌو هو تہ پڻس ماڻهن کي قسم ڏنو آهي. سو هن پنهنجي هٿ واريءَ لٺ جو ڇيڙو ماکيءَ جي ماناري ۾ ٽُنبي، انهيءَ مان ڪجھہ ماکي کاڌي تہ سندس اکيون کلڻ لڳيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 پر يونتن اِهو ڪونہ ٻڌو هو تہ پڻس ماڻهن کي قسم ڏنو آهي: تنهنڪري هن پنهنجي هٿ واري لٺ جو ڇيڙو ماکيءَ جي ماناري ۾ ٽنبي، پنهنجو هٿ وات تائين آندو؛ ۽ سندس اکيون روشن ٿيڻ لڳيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:27
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا ٻارؤ! ڏاهپ ماکيءَ مثل مٺي آهي، جيئن ماکي کائڻ ۾ مزيدار آهي، ۽ ماناري مان ٽمندڙ ماکي ڪيڏي نہ مٺي ٿي لڳي، تيئن يقين ڄاڻو تہ ڏاهپ بہ اوهان جي حياتيءَ لاءِ ماکيءَ مثل مٺي آهي. جيڪڏهن اها اوهان کي حاصل ٿي ويئي، تہ اوهان جو مستقبل روشن ٿي ويندو.


سچار ماڻهوءَ جو ڪنهن بدڪار جي اڳيان جھُڪڻ ائين آهي، جيئن ڪو صاف پاڻيءَ جو چشمو لتاڙيو ويو هجي، يا جيئن ڪنهن کوهہ جو پاڻي زهريلو بڻايو ويو هجي.


تڏهن انهن ماڻهن مان هڪڙي ٻڌايس تہ ”تنهنجي پيءُ ماڻهن کي سخت قسم ڏيئي چيو هو تہ ’جيڪو اڄ ڪجھہ بہ کائيندو، سو لعنتي ٿيندو.‘ اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو سخت ماندا آهن.“


تڏهن يونتن کين وراڻيو تہ ”بابي ماڻهن کي تڪليف ۾ وڌو آهي. ڏسو تہ ٿوري ماکي چکڻ سان منهنجيون اکيون ڪيئن نہ کُلي پيون آهن.


تنهن تي سائول يونتن کي چيو تہ ”مون کي ٻڌاءِ تہ تو ڇا ڪيو آهي؟“ يونتن کيس ٻڌايو تہ ”جيڪا لٺ منهنجي هٿ ۾ هئي، تنهن جي ڇيڙي سان مون بيشڪ ماکيءَ جو ذرو چکيو هو. سو هاڻي آءٌ مرڻ جي لاءِ تيار آهيان.“


هنن کيس سڪل انجير جون ڪجھہ ٽڪيون ۽ ڪشمش جا ٻہ ڇڳا ڏنا. جڏهن هن کائي بس ڪئي تڏهن سندس بدن ۾ ساهہ پيو، ڇاڪاڻ تہ هن پورا ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون نڪا ماني کاڌي هئي، نڪو پاڻي پيتو هئائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ