Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:23 - Muslim Sindhi Bible

23 اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل کي فتح بخشي. جنگ بيت‌آون جي هن پار تائين وڃي پهتي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 انهي طرح خداوند انهي ڏينهن اسرائيل کي بچايو: ۽ جنگ لنگهي بيت آون جي پاسي کان ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:23
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ خداوند نہ ٿي چاهيو تہ اسرائيل وارا مڪمل طرح تباهہ ٿي وڃن، تنهنڪري هن انهن کي يربعام ثانيءَ جي وسيلي بچايو.


پر هو ۽ سندن ٻيا ساٿي ميدان جي وچ ۾ ڄمي فلستين سان وڙهندا رهيا. هنن فلستين کي ماريو ۽ خداوند کين وڏي سوڀ ڏني.


اهڙيءَ طرح خداوند حزقياہ ۽ يروشلم جي رهاڪن کي اشور جي شهنشاهہ سنحيرب ۽ ٻين سڀني جي هٿن مان ڇڏائي ورتو. خدا انهن کي هر طرف کان امن ۽ سلامتي ڏني.


اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل کي مصرين جي هٿان بچايو ۽ بني اسرائيل مصرين کي سمنڊ جي ڪناري تي مئل ڏٺو.


پر يهوداہ وارن تي آءٌ رحم ڪري کين بچائيندس. اهي نڪي تيرڪمان، تلوار، گھوڙن يا گھوڙي سوارن جي وسيلي، نہ وري ڪنهن ٻئي جنگي هٿيار جي وسيلي بچي نڪرندا، بلڪ آءٌ خداوند سندن خدا پنهنجي قدرت جي ئي وسيلي کين بچائيندس.“


خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان سان گڏ ٿو هلي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي پاران اوهان جي دشمنن سان جنگ ڪري اوهان کي فتح بخشي.‘


يشوع يريحو مان عئي شهر ڏانهن ڪجھہ ماڻهو موڪليا، جيڪو بيت‌ايل جي اوڀر طرف بيت‌آون جي ويجھو آهي. هن کين چيو تہ ”اوهين وڃي انهيءَ علائقي جي جاسوسي ڪري اچو.“ سو اهي ماڻهو ويا ۽ عئي شهر جي جاسوسي ڪيائون.


جڏهن خداوند هنن جي لاءِ ڪو رهبر مقرر ڪندو هو تڏهن هو انهيءَ رهبر سان هوندو هو ۽ جيستائين رهبر جيئرو هوندو هو تيستائين خداوند بني اسرائيل کي سندن دشمنن جي هٿن کان بچائيندو رهندو هو. خداوند کي مٿن رحم ايندو هو، ڇو تہ هو ظلم ۽ تڪليف هيٺ دانهون ڪندا هئا.


پر هاڻ اوهان مون خدا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اوهان کي سڀني آفتن ۽ مصيبتن کان بچائيندو آهيان. اوهان مون کي چيو آهي تہ ’اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر.‘ تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجن پنهنجن قبيلن ۽ گھراڻن موجب الڳ ٿي مون خداوند جي آڏو بيهو.“


فلستي بہ بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. انهن ۾ ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ڇهہ هزار گھوڙي سوار ۽ ايترا تہ بي‌شمار ماڻهو هئا جيترا سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جا ذرڙا. انهن بيت‌آون جي اوڀر طرف مڪماس وٽ اچي پنهنجا خيما کوڙيا.


”سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيامين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس. تون انهيءَ کي منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي مٿان اڳواڻ ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪجانءِ. هو منهنجيءَ قوم کي فلستين جي هٿان ڇڏائيندو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجيءَ قوم تي آيل مصيبت ڏسندي سندن دانهن ٻڌي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ