Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:20 - Muslim Sindhi Bible

20 پوءِ سائول پنهنجي لشڪر سميت تيار ٿي جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو. حيرت جي ڳالهہ اها هئي جو هر فلستيءَ جي تلوار سندس ئي ساٿيءَ مٿان ٿي پيئي، نهايت گھڻي افراتفري پئجي ويئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ سائول، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي گڏ ٿيا، ۽ جنگ ڪرڻ آيا: ۽ ڏسو هر ڪنهن ماڻهوءَ جي ترار سندس سنگتيءَ جي مٿان هئي، ۽ نهايت گهڻي پريشاني، ۽ حيراني پئجي وئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:20
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسرائيل جو بادشاهہ اخي‌اب جنگ جي ميدان ۾ آيو، گھوڙن ۽ جنگي گھوڙي گاڏين کي قبضي ۾ ورتائين ۽ ارامين کي وڏي شڪست ڏنائين.


بني عمون ۽ موآب جي لشڪر وارن پاڻ سان گڏ آيل ادوم جي رهاڪن تي حملو ڪري ڏنو ۽ کين ماري ناس ڪري ڇڏيائون. جڏهن اهي ادوم جي رهاڪن جو بلڪل خاتمو ڪري چڪا، تڏهن اهي وري پاڻ ۾ هڪٻئي کي قتل ڪرڻ لڳا.


هائو، آءٌ مصر ۾ اهڙي تہ گھرو لڙائي ڇيڙي ڇڏيندس، جو ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهندو ۽ پاڙيسري پاڙيسريءَ سان. شهر شهر جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو، ۽ حڪمران هڪٻئي جي خلاف ٿي ويندا.


آءٌ خداوند خدا بني اسرائيل جي سڀني جبلن تان ياجوج مٿان جنگ نازل ڪندس. ياجوج جي فوج ايڏي تہ دهلجي ويندي جو اهي هڪٻئي مٿان تلوار هلائيندا.


جڏهن جِدعون جي ٽي سؤ ماڻهن نفيلون وڄايون تڏهن خداوند مدياني لشڪر کان پاڻ ۾ هڪٻئي تي تلوار هلرائي. هو اتان صريرات جي پاسي بيت‌سطہ تائين ۽ طبات جي سامهون ابيل‌محولہ جي سرحد تائين ڀڄي ويا.


سائول جا چوڪيدار جيڪي بنيامين قبيلي جي جِبعت شهر ۾ هئا، تن ڏٺو تہ فلستين جو ميڙ ٽڙي پکڙي ڪڻو ڪڻو ٿيندو پيو وڃي.


”سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيامين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس. تون انهيءَ کي منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي مٿان اڳواڻ ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪجانءِ. هو منهنجيءَ قوم کي فلستين جي هٿان ڇڏائيندو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجيءَ قوم تي آيل مصيبت ڏسندي سندن دانهن ٻڌي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ