Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:18 - Muslim Sindhi Bible

18 انهيءَ ڏينهن خدا جي عهد واري صندوق اتي بني اسرائيل وٽ آندي ويئي هئي. سو سائول اخياہ ڪاهن کي چيو تہ ”خدا جي صندوق هتي کڻي اچ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ سائول اخياہ کي چيو تہ خدا جي صندوق کڻي اچ، ڇالاءِ جو خدا جي صندوق انهي وقت بني اسرائيل وٽ اُتي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اورياہ دائود کي وراڻيو تہ ”يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل جا ماڻهو ۽ عهد واري صندوق جنگ جي ميدان ۾ هجي، منهنجو سپهہ‌سالار يوآب ۽ منهنجي آقا بادشاهہ جا سالار کُليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا هجن ۽ آءٌ پنهنجي گھر وڃي کاوان، پيئان ۽ پنهنجيءَ زال سان وڃي سمهان؟ هرگز نہ، اوهان جي سر جو ۽ اوهان جي جان جو قسم آهي تہ مون کان اهو ڪم ڪين ٿيندو.“


يشوع اليعزر ڪاهن وٽ پيو ايندو رهندو، جيڪو اليعزر جي طرفان مون خداوند جي حضور مان اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي منهنجي مرضي معلوم ڪندو رهندو. اهڙيءَ طرح اليعزر اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ يشوع ۽ سڄيءَ قوم جي رهنمائي ڪندو.“


پوءِ بني اسرائيل بيت‌ايل شهر ۾ مقدس هنڌ تي ويا ۽ خدا کان ڪڻا وجھي صلاح پڇيائون تہ ”بني بنيامين سان وڙهڻ لاءِ اسان مان پهريائين ڪير چڙهائي ڪري؟“ خداوند چيو تہ ”يهوداہ قبيلو پهريائين وڃي.“


تڏهن سائول انهن ماڻهن جيڪي ساڻس گڏ هئا، تن کي چيو تہ ”ماڻهن کي گڏ ڪري جاچيو تہ ڪير اسان مان نڪري ويو آهي.“ جڏهن هنن ائين ڪيو تڏهن ڏٺائون تہ يونتن ۽ سندس هٿياربردار تہ آهن ئي ڪونہ.


پوءِ سائول پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”هلو تہ رات جو فلستين تي حملو ڪريون ۽ صبح جو سوجھري ٿيڻ تائين کين ڦريون لٽيون ۽ انهن مان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيون.“ هنن وراڻي ڏنس تہ ”جيئن اوهين مناسب سمجھو تيئن ڪريو.“ پر ڪاهن چيو تہ ”اچو تہ پهريائين خدا سان صلاح مصلحت ڪريون.“


دائود کي جڏهن اها خبر پيئي تہ سائول کيس نقصان پهچائڻ جا منصوبا پيو جوڙي، تڏهن هن ابي‌ياتر ڪاهن کي چيو تہ ”مذهبي وڳو کڻي اچ.“


پوءِ هنن اها پنهنجي ديوتا دجون جي مندر ۾ آندي ۽ دجون جي بت جي پاسي ۾ رکي ڇڏيائون.


تڏهن قريت‌يعريم جا ماڻهو آيا ۽ خداوند جي عهد واري صندوق کي کڻي وڃي ابينداب جي گھر ۾ رکيائون، جيڪو ٽڪريءَ تي هو. هنن سندس پٽ اليعزر کي خداوند جي عهد واري صندوق جي سنڀال ڪرڻ لاءِ ڪاهن طور مخصوص ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ