Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:16 - Muslim Sindhi Bible

16 سائول جا چوڪيدار جيڪي بنيامين قبيلي جي جِبعت شهر ۾ هئا، تن ڏٺو تہ فلستين جو ميڙ ٽڙي پکڙي ڪڻو ڪڻو ٿيندو پيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ سائول جي پهري وارن بنيمين جي جبعہ ڏانهن پئي نهاريو؛ ۽ ڏسن تہ خلق ٽڙي پکڙي گم ٿي ويئي، ۽ ماڻهو هيڏي هوڏي هليا ويا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:16
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل تہ اهي بدڪار هاريل پاڻيءَ وانگر گم ٿي وڃن. جڏهن اهي پنهنجا تيرڪمان ڇڪين تڏهن سندن تير مڏا ٿين.


جيئن دونهون اُڏامي وڃي ٿو تيئن شل هو کين اُڏائي ڇڏي! خدا آڏو بڇڙا شل ائين فنا ٿين جيئن ميڻ باهہ تي رجي وڃي ٿي.


هائو، آءٌ مصر ۾ اهڙي تہ گھرو لڙائي ڇيڙي ڇڏيندس، جو ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهندو ۽ پاڙيسري پاڙيسريءَ سان. شهر شهر جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو، ۽ حڪمران هڪٻئي جي خلاف ٿي ويندا.


جڏهن جِدعون جي ٽي سؤ ماڻهن نفيلون وڄايون تڏهن خداوند مدياني لشڪر کان پاڻ ۾ هڪٻئي تي تلوار هلرائي. هو اتان صريرات جي پاسي بيت‌سطہ تائين ۽ طبات جي سامهون ابيل‌محولہ جي سرحد تائين ڀڄي ويا.


تڏهن خيمي‌گاهہ ۽ ميدان وارن سڀني فلستين ۾ اچي ڏڪڻي پيئي. پهريدار ۽ حملي ڪرڻ وارا بہ پئي ڏڪيا. زمين بہ پئي ڌڏي. اها ڏڪڻي خدا جي طرفان موڪلي ويئي هئي.


تڏهن سائول انهن ماڻهن جيڪي ساڻس گڏ هئا، تن کي چيو تہ ”ماڻهن کي گڏ ڪري جاچيو تہ ڪير اسان مان نڪري ويو آهي.“ جڏهن هنن ائين ڪيو تڏهن ڏٺائون تہ يونتن ۽ سندس هٿياربردار تہ آهن ئي ڪونہ.


پوءِ سائول پنهنجي لشڪر سميت تيار ٿي جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو. حيرت جي ڳالهہ اها هئي جو هر فلستيءَ جي تلوار سندس ئي ساٿيءَ مٿان ٿي پيئي، نهايت گھڻي افراتفري پئجي ويئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ