Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تڏهن خيمي‌گاهہ ۽ ميدان وارن سڀني فلستين ۾ اچي ڏڪڻي پيئي. پهريدار ۽ حملي ڪرڻ وارا بہ پئي ڏڪيا. زمين بہ پئي ڌڏي. اها ڏڪڻي خدا جي طرفان موڪلي ويئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ لشڪرگاهہ ۾، ميدان ۾، ۽ سڀني ماڻهن ۾، اچي ڏڪڻي پيئي؛ فوجي ۽ ڦرلٽ ڪرڻ وارا بہ پئي ڏڪيا: ۽ زمين بہ پئي ڌٻي؛ مطلب تہ نهايت وڏي ڏڪڻي پئجي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:15
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو اتان روانا ٿيا. هنن جي آس‌پاس جي شهرن کي اهڙو تہ خوف وٺي ويو جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ سندن پيڇو ڪونہ ڪيو.


پر جڏهن تون توتن جي وڻن جي چوٽين تي قدمن جو آواز ٻڌين، تڏهن ئي تون حملو ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت آءٌ خداوند تنهنجي اڳيان فلستين جي لشڪر کي مارڻ لاءِ نڪري ايندس.“


دهشتناڪ شيون هر پاسي کان کين ڊيڄارينديون، ۽ انبوہ جي صورت ۾ پيڇو ڪري کين ڀڄائينديون.


مگر اهي سڀ تڏهن خوف وچان ڏڪي ويندا، جڏهن هو خدا کي سچارن سان گڏ ڏسندا.


سڄو سينا جبل دونهين سان ڍڪجي ويو، ڇاڪاڻ تہ خداوند باهہ جي وچ ۾ انهيءَ تي لٿو. اهو دونهون کُوري جي دونهين وانگر مٿي چڙهڻ لڳو ۽ سڄو جبل زور سان ڌڏڻ لڳو.


تڏهن خوف وچان بادشاهہ جي منهن جو رنگ ڦري ويو ۽ سندس خيالن کيس ايترو تہ پريشان ڪري ڇڏيو، جو سندس ڍڍر ڍرا ٿي پيا ۽ گوڏا هڪٻئي سان ٺهڪڻ لڳس.


اوهين ويجھو ۽ پري وارين جنگين جون ڳالهيون ٻڌندا پر گھٻرائجو نہ، ڇاڪاڻ تہ پهريائين اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون، پر اها اڃا پڄاڻي نہ هوندي.


۽ کين چيائين تہ ”مون کي خبر آهي تہ خداوند هي ملڪ اوهان کي ڏيئي ڇڏيو آهي. اوهان جو ڊپ اسان تي ايترو تہ وٺي ويو آهي جو هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهان بني اسرائيل جي خوف کان هيسجي ويا آهن.


هر ڪو ماڻهو خيمي‌گاهہ جي چوڌاري پنهنجي پنهنجي جاءِ وٺي بيهي رهيو ۽ مديانين جو سڄو لشڪر رڙيون ڪندو ڀڄي ويو.


تڏهن فلستين جي خيمي‌گاهہ مان ٽي ٽوليون حملي ڪرڻ وارن جون نڪتيون، جن مان هڪڙي ٽوليءَ انهيءَ رستي ڏانهن رخ ڪيو، جيڪو سعال جي علائقي ۾ عفراہ شهر تائين ٿو وڃي.


ٻي ٽوليءَ ڦري بيت‌حورون جو رستو ورتو ۽ ٽين ٽولي انهيءَ سرحد واري رستي سان وڃڻ لڳي، جتان هيٺ ضبوعيم جي ماٿري بيابان واري طرف ڏسڻ ۾ پئي آئي.


هوڏانهن فلستين پنهنجي سپاهين جي هڪڙي ٽولي مڪماس جي لڪ جي حفاظت لاءِ رواني ڪئي.


اها پهرين خونريزي هئي، جيڪا يونتن ۽ سندس هٿياربردار ڪئي ۽ انهيءَ ۾ اٽڪل ويهہ ماڻهو اڌ ايڪڙ زمين جي ٽڪري ۾ مارجي ويا.


سائول جا چوڪيدار جيڪي بنيامين قبيلي جي جِبعت شهر ۾ هئا، تن ڏٺو تہ فلستين جو ميڙ ٽڙي پکڙي ڪڻو ڪڻو ٿيندو پيو وڃي.


جڏهن سموئيل ساڙڻ واري قرباني پيش ڪري رهيو هو، تڏهن فلستي بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ ويجھا آيا. پوءِ خداوند انهيءَ ئي مهل ايڏي تہ وڏي گجگوڙ سان فلستين تي گجيو، جو انهن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ اهي پٺي ڏيئي وٺي ڀڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ