Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پر جيڪڏهن هنن چيو تہ ’اسان وٽ اچو‘ تہ پوءِ اسين چڙهي هلنداسين ۽ اها ئي اسان جي لاءِ نشاني ٿيندي تہ خداوند انهن کي اسان جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 پر جي هو چوندا تہ اسان وٽ اچو تہ پوءِ اسين چڙهي هلنداسين: ڇالاءِ جو خداوند انهن کي اسانجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي: ۽ اها اسان جي لاءِ نشاني ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:10
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل ائين ٿئي جو جڏهن آءٌ انهن مان هڪڙيءَ کي چوان تہ ’مهرباني ڪري پنهنجو دلو لاهہ تہ آءٌ پاڻي پيئان،‘ تڏهن اها چوي تہ ’ڀلي پيءُ ۽ آءٌ تنهنجي اٺن کي بہ پاڻي پيئارينديس.‘ شل هوءَ اها ئي ڇوڪري هجي جنهن کي تو پنهنجي ٻانهي اسحاق جي لاءِ چونڊيو آهي. جيڪڏهن ائين ٿيو تہ آءٌ سمجھندس تہ تو منهنجي مالڪ تي مهرباني ڪئي آهي.“


يسعياہ وراڻيس تہ ”اهو ثابت ڪرڻ لاءِ تہ هو پنهنجو واعدو پورو ڪندو آهي خداوند تو کي هڪ نشاني ڏيندو. ٻڌاءِ تہ تون ڇا ٿو چاهين تہ پاڇولو ڏهہ قدم اڳتي وڃي يا پوئتي هٽي وڃي؟“


خدا وراڻيس تہ ”تون يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ هوندس. ان جي نشاني تہ مون ئي تو کي موڪليو آهي اها هوندي، تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن تون هن جبل تي مون خدا جي عبادت ڪندين.“


تڏهن جِدعون خدا کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون پنهنجي قول مطابق بني اسرائيل کي منهنجي هٿان ڇڏائڻ ٿو گھرين،


جيڪي هو چون ٿا سو تون ٻُڌ. تنهن کان پوءِ حملي ڪرڻ لاءِ تو کي همت ٿيندي.“ جِدعون پنهنجي نوڪر فوراہ سان گڏجي دشمن فوج جي خيمي‌گاهہ جي آخري حصي ڏانهن ويو.


جڏهن اهي نشانيون تو تي اچن، تڏهن جيئن انهيءَ وقت تو کي مناسب لڳي تيئن ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ خداوند تو سان گڏ آهي.


پوءِ جيڪڏهن هنن اسان کي چيو تہ ’جيستائين اسين ايڏانهن اچون تيستائين اتي ترسجو،‘ تہ پوءِ اسين پنهنجيءَ جاءِ تي بيهي رهنداسين ۽ انهن تائين نہ هلنداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ