Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 13:22 - Muslim Sindhi Bible

22 تنهنڪري جنگ واري ڏينهن سائول ۽ سندس پٽ يونتن کان سواءِ ٻيا جيڪي بہ ماڻهو ساڻن هئا، تن مان ڪنهن کي بہ تلوار يا ڀالو هٿ ۾ ڪين هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 تنهنڪري سائول ۽ سندس پٽ يونتن کان سواءِ جنگ جي ڏينهن جيڪي ماڻهو سائول ۽ يونتن سان هئا، تن مان ڪنهن جي بہ هٿ ۾ ترار يا ڀالو نہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 13:22
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن انهيءَ ملائڪ مون کي يهوداہ جي گورنر زربابل لاءِ قادر‌مطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”اي زربابل! تون ڪامياب ٿيندين، نہ لشڪر جي زور سان، نہ انساني طاقت سان پر فقط منهنجي روح سان.


اسين جن ۾ اهو خزانو رکيو ويو آهي، سي مٽيءَ جي ٿانوَن وانگر آهيون، تہ جيئن ظاهر ٿئي تہ اها تمام گھڻي قدرت اسان جي نہ پر خدا جي آهي.


بني اسرائيل جڏهن نوان نوان معبود چونڊي ڪڍيا هئا، تڏهن هڪ غير قوم شهرن تي چڙهائي ڪئي هئي. جڏهن تہ ملڪ جي چاليهہ هزار جنگي جوڌن وٽ مقابلي لاءِ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ئي ڪونہ هو.


پر هو گھوٻن ۽ ٽيڪمن کي تکي ڪرڻ لاءِ ٻہ چانديءَ جا سڪا ۽ ڪهاڙن، رنبين ۽ ٽيانگھين کي تکي ڪرڻ لاءِ هڪ چانديءَ جو سڪو وٺندا هئا.


۽ هنن سڀني ماڻهن کي اها بہ خبر پوندي تہ خداوند تلوار ۽ نيزي سان نہ ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ جنگ جي فتح يا شڪست تہ خداوند جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ئي اوهان کي اسان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو.“


اهڙيءَ طرح دائود بنا ڪنهن تلوار جي، رڳو کانڀاڻيءَ مان هڪڙي پٿر اڇلائڻ سان جالوت کي شڪست ڏيئي ماري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ