Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 13:19 - Muslim Sindhi Bible

19 بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ ڪوبہ لوهار هٿ نہ ٿي آيو، ڇاڪاڻ تہ فلستين اها دورانديشي ڪئي هئي تہ ڪوبہ بني اسرائيل لوهار نہ هجي تہ جيئن عبراني ماڻهو پنهنجي لاءِ تلوارون يا ڀالا نہ ٺهرائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 هاڻي اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ ڪو لوهار هٿ نٿي آيو: ڇالاءِ جو فلستين چيو تہ متان عبراني پنهنجي لاءِ تراريون يا ڀالا جوڙائين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 13:19
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو انهن سڀني يروشلم وارن کي قيدي بڻائي وٺي ويو، جن ۾ سڀ عملدار، سالار، ڪاريگر ۽ هنرمند، جملي ڏهہ هزار ڄڻا هئا. ملڪ جا رڳو غريب ترين ماڻهو ئي يهوداہ ۾ ڇڏيا ويا.


ڏس، مون لوهار خلقيو آهي، جيڪو ٽانڊن کي ڦوڪي باهہ ٻاري ٿو، ۽ هٿيار گھڙي تيار ڪري ٿو. مون لشڪر بہ پيدا ڪيا آهن، جيڪي انهن هٿيارن کي استعمال ڪري تباهي ٿا آڻين.


بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي سندس عملدارن، ڪاريگرن ۽ هنرمندن سميت يروشلم مان قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو. انهيءَ ڳالهہ کان پوءِ خداوند مون کي هڪ رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون انجيرن جون ٻہ ٽوڪريون خداوند جي هيڪل جي اڳيان رکيل ڏٺيون.


هي ان کان پوءِ جي ڳالهہ آهي جڏهن يهوياڪين بادشاهہ، سندس راڻي ماءُ، سندس درٻاري عملدار ۽ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا اڳواڻ ڪاريگرن ۽ رازن سميت يروشلم مان جلاوطن ڪيا ويا هئا.


بني اسرائيل جڏهن نوان نوان معبود چونڊي ڪڍيا هئا، تڏهن هڪ غير قوم شهرن تي چڙهائي ڪئي هئي. جڏهن تہ ملڪ جي چاليهہ هزار جنگي جوڌن وٽ مقابلي لاءِ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ئي ڪونہ هو.


تنهنڪري بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو پنهنجا گھوٻا، ٽيڪم، ڪهاڙا ۽ ڏاٽا فلستين وٽ کڻي وڃي تکا ڪرائيندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ