Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 13:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ٻي ٽوليءَ ڦري بيت‌حورون جو رستو ورتو ۽ ٽين ٽولي انهيءَ سرحد واري رستي سان وڃڻ لڳي، جتان هيٺ ضبوعيم جي ماٿري بيابان واري طرف ڏسڻ ۾ پئي آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ ٻي ٽوليءَ ڦري بيت حورون جو رستو ورتو: ۽ ٽين ٽولي اُنهي سرحد واري رستي وڃڻ لڳي، جتان هيٺ ضبوعيم جي وادي، بيابان واري طرف، ڏسڻ ۾ پئي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 13:18
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعانين جون حدون هن ريت آهن: صيدا کان وٺي ڏکڻ طرف جرار واري رستي غزہ تائين ۽ اوڀر طرف سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم واري رستي لشع تائين.


پنجن ٻين بادشاهن هر هڪ، سدوم جي بادشاهہ برع، عموراہ جي بادشاهہ برشع، ادمہ جي بادشاهہ شِناب، ضبوئيم جي بادشاهہ شميبر ۽ بالع يعني صغر شهر جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي.


سليمان مٿاهون بيت‌حورون ۽ هيٺاهون بيت‌حورون بہ وري تعمير ڪرايا. اهي شهر ڪوٽن ۽ دروازن وارا شهر هئا، جن جي دروازن ۾ گز پيل هئا.


اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.


خداوند انهن کي بني اسرائيل جي اڳيان مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو ۽ جِبعون وٽ کين وڏي شڪست ڏنائين. بني اسرائيل بيت‌حورون شهر جي لنگھہ وٽان ويندي هنن جو پيڇو ڪيو ۽ ڏکڻ طرف عزيقاہ ۽ مقيدہ شهرن تائين کين ماريندا ويا.


جيئن هو بني اسرائيل جي اڳيان بيت‌حورون جي لنگھہ وٽان ڀڄندا ٿي ويا تيئن سڄي واٽ عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا برف جا پٿر ڪيريندو رهيو. بني اسرائيل جي تلوار سان مرڻ وارن کان وڌيڪ ماڻهو انهن ڳڙن سان مئا.


اتان اولهہ طرف ڏانهن يفليطين قوم جي علائقي ڏانهن لهندي وڃي هيٺئين بيت‌حورون تائين پهتي. وري اها اتان اڳتي هلي جزر کان ٿيندي ڀونوچ سمنڊ تي وڃي ختم ٿي.


افرائيم قبيلي جي سندن گھراڻن موجب علائقو هي هو: هنن جي سرحد اوڀر طرف عطارات ادار کان وٺي مٿئين بيت‌حورون تائين ويئي


تڏهن خيمي‌گاهہ ۽ ميدان وارن سڀني فلستين ۾ اچي ڏڪڻي پيئي. پهريدار ۽ حملي ڪرڻ وارا بہ پئي ڏڪيا. زمين بہ پئي ڌڏي. اها ڏڪڻي خدا جي طرفان موڪلي ويئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ