Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 13:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پر هاڻي تنهنجي بادشاهي قائم نہ رهندي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو حڪم خداوند تو کي ڏنو هو، تنهن تي تو عمل نہ ڪيو. سو خداوند هڪڙو اهڙو ماڻهو ڳولي ڪڍيو آهي، جيڪو سندس دلي خواهش موجب آهي، جنهن کي هن پنهنجيءَ قوم جو اڳواڻ مقرر ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر هاڻي تنهنجي بادشاهي قائم نہ رهندي: خداوند پنهنجي لاءِ پنهنجي دل جي پسنديءَ موجب هڪڙو ماڻهو ڳولي ڪڍيو آهي، ۽ خداوند انهي کي پنهنجي قوم تي سردار مقرر ڪيو آهي، ڇالاءِ جو جيڪو حڪم توکي خداوند ڏنو تنهن جي تو سنڀال نہ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 13:14
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جو بادشاهہ هو، تڏهن بہ تون ئي جنگين ۾ بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪندو هئين. تڏهن خداوند تو کي چيو تہ ’تون منهنجي قوم بني اسرائيل جي نگهباني ڪندين ۽ انهن جو بادشاهہ ٿيندين.‘“


دائود ميڪل کي وراڻيو تہ ”منهنجو اهو حال خداوند جي آڏو هو، جنهن تنهنجي پيءُ ۽ سندس سڄي گھراڻي جي مقابلي ۾ مون کي پسند ڪيو ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي مٿان مون کي بادشاهہ مقرر ڪيائين. تنهنڪري آءٌ خداوند جي آڏو ضرور نچندس ٽپندس.


”پوئتي موٽ ۽ منهنجي قوم جي اڳواڻ حزقياہ کي وڃي چئُہ تہ آءٌ خداوند، سندس ڏاڏي دائود جو خدا چوان ٿو تہ ’مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي ۽ تنهنجا ڳوڙها ڏٺا اٿم. تنهنڪري آءٌ تو کي شفا بخشيندس ۽ ٽئين ڏينهن تي تون هيڪل ۾ وڃي سگھندين.


سائول جو موت انهيءَ ڪري ٿيو جو هو خدا جو نافرمان هو. هو خداوند جي حڪمن تي پوريءَ طرح نہ هليو ۽ ڀوپن جي وسيلي مئلن جي روحن کان صلاح مشورو ورتائين،


خداوند پنهنجي ٻانهي دائود کي چونڊي ڪڍيو، هائو، هن کيس رڍن جي واڙي منجھان چونڊي ڪڍيو.


انهيءَ سبب جو دولت هميشہ ساٿ نہ ٿي ڏئي، نڪي تخت وَ تاج ئي پيڙهين تائين قائم ٿو رهي.


تڏهن يسعياہ حزقياہ کي چيو تہ ”ٻڌ، قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ


پوءِ خدا هن کي هٽائي دائود کي انهن جو بادشاهہ مقرر ڪيو. خدا هن بابت هيئن چيو تہ ’مون يسيءَ جي پٽ دائود کي ڳولي ورتو آهي، جيڪو منهنجي دلي خواهش موجب آهي. هو هميشہ منهنجي مرضيءَ تي هلندو.‘


دائود خدا وٽ قبول پيو هو ۽ هن عرض ڪيو هئس تہ يعقوب جي خدا لاءِ کيس گھر اڏڻ جي اجازت ملي.


حقيقت ۾ خدا، جنهن جي لاءِ ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن کي اهو مناسب لڳو تہ گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کي تڪليفن جي وسيلي سندن ڇوٽڪاري جو ڪامل وسيلو بڻائي.


بغاوت ۽ جادوگريءَ جو گناهہ هڪجهڙو ئي آهي، سرڪشي بتن جي پوڄا ڪرڻ برابر آهي. سو جيئن تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي، تنهنڪري هن بہ تنهنجي بادشاهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.“


سموئيل وراڻي ڏنس تہ ”آءٌ تو سان گڏجي موٽي نہ هلندس، ڇاڪاڻ تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي ۽ خداوند بني اسرائيل تي تنهنجي بادشاهيءَ کي رد ڪيو آهي.“


تڏهن سموئيل چيس تہ ”اڄ خداوند بني اسرائيل جي بادشاهي تو کان ڇني ڦاڙي کسي ورتي ۽ اها ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏيائين، جيڪو تو کان چڱو آهي.


خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيت‌لحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


سو يسيءَ هن کي گھرائي ورتو ۽ اندر وٺي آيس. هن جو رنگ ڳاڙهو هو، سندس اکيون خوبصورت هيون ۽ هو سهڻو هو. تڏهن خداوند سموئيل کي چيو تہ ”اُٿ، هن کي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ مسح ڪر، ڇو تہ هي اهو ئي آهي.“


تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بي‌آبرو ڪيا ويندا.


هاڻي مون کي يقين آهي تہ تون ضرور بادشاهہ ٿيندين ۽ بني اسرائيل جي حڪومت تنهنجي ئي هٿ ۾ قائم ٿيندي.


جڏهن خداوند منهنجي آقا کي اهي چڱيون شيون عطا ڪندو، جن بابت توهان سان واعدو ڪيو اٿائين ۽ توهان کي بني اسرائيل مٿان بادشاهہ مقرر ڪندو،


”سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيامين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس. تون انهيءَ کي منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي مٿان اڳواڻ ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪجانءِ. هو منهنجيءَ قوم کي فلستين جي هٿان ڇڏائيندو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجيءَ قوم تي آيل مصيبت ڏسندي سندن دانهن ٻڌي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ