Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 13:13 - Muslim Sindhi Bible

13 سموئيل سائول کي چيو تہ ”تو بي‌وقوفيءَ وارو ڪم ڪيو آهي. جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوريءَ طرح عمل ڪرين ها تہ اڄ خداوند تنهنجي بادشاهي بني اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ قائم ڪري ڇڏي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي: تو خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوري تعميل نہ ڪئي آهي: ڇالاءِ جو هاڻي خداوند تنهنجي بادشاهي اسرائيل تي هميشہ لاءِ قائم ڪرڻ وارو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 13:13
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو تو مون کي پنهنجن ڏوهٽن ڏوهٽين ۽ ڌيئرن کان چمي موڪلائڻ بہ نہ ڏنو؟ اهو تو بيعقليءَ جو ڪم ڪيو آهي.


پر ماڻهن جي شمار ڪرڻ کان پوءِ دائود جي دل بي‌چين ٿيڻ لڳي. سو هن خداوند کي چيو تہ ”جيڪي مون ڪيو آهي، سو هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو اٿم. پر هاڻي اي خداوند! آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ مون هي ڏاڍو بي‌عقليءَ وارو ڪم ڪيو آهي.“


الياس ورندي ڏيئي کيس چيو تہ ”مون اسرائيل کي نہ آزاريو آهي. پر تو ۽ تنهنجي پيءُ عمريءَ جي گھراڻي اسرائيل کي آزاريو آهي. تو خداوند جي حڪمن کي مڃڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ بعل ديوتا جي پٺيان لڳو آهين.


جڏهن اخي‌اب الياس کي ڏٺو تڏهن کيس چيائين تہ ”اي منهنجا دشمن! تو مون کي هتي بہ اچي ڳولي لڌو؟“ الياس کيس وراڻيو تہ ”هائو، مون تو کي ڳولي لڌو آهي. تو پاڻ مڪمل طرح اهو ئي ڪم ڪيو آهي جيڪو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.


سائول جو موت انهيءَ ڪري ٿيو جو هو خدا جو نافرمان هو. هو خداوند جي حڪمن تي پوريءَ طرح نہ هليو ۽ ڀوپن جي وسيلي مئلن جي روحن کان صلاح مشورو ورتائين،


بيشڪ خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ٿيون ڊوڙين، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خدا سان وفادار آهن، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. تو بي‌عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي، سو اڄ کان وٺي اڳتي تو کي جنگيون ڪندي گذارڻو پوندو.“


تڏهن هڪڙو نبي ييهو ولد حناني بادشاهہ سان ملڻ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا اهو مناسب آهي جو تون بدڪارن جي مدد ڪرين ۽ خداوند جي دشمنن سان محبت رکين؟ ياد رک، انهيءَ ڳالهہ جي ڪري تو تي خدا جو ڏمر آهي.


بلڪ اهو خدا ئي تہ آهي جيڪو بادشاهن ۽ حڪمرانن کي بہ ملامت ٿو ڪري، جڏهن اهي نالائق ۽ بدڪار ٿا ٿين.


عقلمنديءَ جي ڪري ماڻهوءَ جي ساراهہ ڪئي ويندي آهي، مگر بي‌عقل ماڻهوءَ کي حقير ڄاتو ويندو آهي.


ماڻهوءَ جي پنهنجي بي‌وقوفي ئي کيس گمراهہ ڪريو ڇڏي، مگر هو وري الزام خداوند تي ٿو مڙهي.


تڏهن يسعياہ حزقياہ کي چيو تہ ”ٻڌ، قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ


تہ پوءِ جي اها قوم منهنجي نظر ۾ بڇڙائي ڪندي ۽ منهنجو حڪم نہ مڃيندي تہ آءٌ بہ ان چڱائيءَ ڪرڻ کان باز ايندس جيڪا مون ساڻس ڪرڻ چاهي هوندي.


تڏهن حنہ اوڏانهن نہ ويئي. هن پنهنجي مڙس کي چيو تہ ”جيستائين ٻار جو ٿڃ نہ ڇڏائينديس تيستائين اوڏانهن ڪين وينديس. پوءِ آءٌ ٻار کي وٺي اوڏانهن وينديس تہ جيئن هو خداوند جي آڏو حاضر ٿئي ۽ هميشہ اتي ئي رهي.“


تڏهن مون سوچيو تہ هاڻي فلستي هتي جِلجال ۾ اچي مون تي حملو ڪندا ۽ مون اڃا تائين خداوند جي فضل لاءِ کيس منٿ بہ نہ ڪئي آهي. تنهنڪري مون مجبور ٿي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي.“


”سائول کي بادشاهہ بڻائي مون کي افسوس ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان ڦري ويو آهي ۽ منهنجي حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس.“ تنهن تي سموئيل اچي پريشان ٿيو ۽ سڄي رات خداوند جي آڏو ٻاڏائيندو رهيو.


پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.


تڏهن سموئيل چيس تہ ”اڄ خداوند بني اسرائيل جي بادشاهي تو کان ڇني ڦاڙي کسي ورتي ۽ اها ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏيائين، جيڪو تو کان چڱو آهي.


خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيت‌لحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


تڏهن سائول وراڻيو تہ ”مون گناهہ ڪيو آهي. اي منهنجا پٽ دائود! موٽي اچ. آءٌ تو کي اڳتي ڪڏهن بہ ڪو نقصان نہ پهچائيندس، ڇو تہ اڄوڪي ڏينهن تو منهنجي حياتيءَ کي قيمتي سمجھي مون کي جيئدان ڏنو آهي. بيشڪ مون بي‌وقوفيءَ جو ڪم ڪيو آهي ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ